پٿري

پٿري: هڪ قسم جي بيماري آهي، جيڪا جسم جي نازڪ عضون ۾ سخت پٿريلو مادو گڏ ٿيڻ ڪري ٿيندي آهي. پٿري ننڍڙن ننڍڙن ذرڙن جي ٺهيل هوندي آهي، طب جي حوالي کان هيءَ مثاني ۾ مختلف ڪيميائي مادن جي جمع ٿيڻ سان ٺهندي آهي ۽ مثاني جي پاسن کي رهڙيندي آهي، جنهنڪري پيشاب ۾ رت ايندو آهي. پٿريءَ جو علاج آپريشن ذريعي يا ليزر ذريعي ڀورڻ سان ڪيو ويندو آهي، ڪي حڪيم ۽ هوميوپيٿيءَ جا ڊاڪٽر پٿريءَ جو علاج ڪندا آهن. پٿري مثاني کان سواءِ گُڙدي، جگر ۽ پِتي ۾ بہ ٿيندي آهي (وڌيڪ ڏسو: پتي جي پٿري).


لفظ پٿريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو