پٿر جي دور جي تصوير

پٿر جي دور جي تصوير

پٿر جي دور جي علامتي تصوير

پٿر جي دور جي علامتي تصوير

پٿر جو پراڻو ثقافتي دؤر

پٿر جو پراڻو ثقافتي دؤر: پٿر جو پراڻو دؤر يا پراڻي پٿر جي دؤر وارن عام محاورن ۾ لفظ ثقافت ان ڪري شامل ڪيو ويو آهي، جو پٿر جو دؤر تمام اڳ جو آهي، جڏهن اڃا ماڻهو جو وجود به ڄاتل نه هو. جڏهن ته پٿر جي پراڻي ثقافتي دور جو تعلق ماڻهوءَ جي ارتقا سان لاڳاپيل آهي. ماڻهوءَ جي زندگي جي ڪهاڻي جيتري پراڻي آهي، اوتري اوکي ۽ دلچسپ. ان جا ڪيترائي پاسا (مکيه مادي، فڪري، اخلاقي) آهن. رڳو قديم ماڻهوءَ جي پٿر سان لاڳاپيل ثقافتي اوسر کي ڏسجي ته به هڪ ڊگهو داستان آهي. جنهن تي عالمن ڪيترا ڪتاب لکيا آهن. پٿر جا قسم، جيڪي ثقافتي يا اوزار سازيءَ جي سلسلي ۾ ڪم آيا آهن، انهن مان هر هڪ پٿر جي قسم جون خاصيتون، انهن کي ڀڃڻ يا گهڙڻ جا طريقا، انهن کي مختلف شڪليون ڏيڻ، هر اوزار جي ڪم ۽ ان جي استعمال ڪرڻ جا طريقا، انهن مڙني جو تفصيل بيان ڪرڻ مشڪل آهي. مادي ثقافت جي اهميت ماڻهوءَ جي زندگيءَ ۾ ڪيتري آهي، اُن لاءِ ’گراهم ڪلارڪ‘ پنهنجي ڪتاب ’World Prehistory‘ ۾ لکيو آهي ته: \"The criteria of a qualified human are no longer biological so much as cultural, yet there is interrelationship between cultural achievements and biological endowments.” بهرحال ماڻهو ثقافتي ميدان ۾ اول جنهن دور ۾ پير پاتو، اُن کي عالمن ”پٿر جي دؤر“ جو نالو ڏنو آهي. پٿر جا عام طرح ٽي دؤر بيان ڪيا ويا آهن: (1) پراڻو پٿر (Palacolithic) جو دؤر، (2) وچون پٿر (Mid Palacolithic) جو دؤر ۽ (3) نئون پٿر (Neolithic) جو دؤر. عالمن هڪ ٻئي پٿر جي دؤر جو به ذڪر پئي ڪيو آهي، پر اهو عام ٿي نه سگهيو آهي. اهو دور پراڻي پٿر جي دورن کان اڳ جو آهي، پر ڪجهه عرصو ان سان گڏ به هليو آهي. هن کي پٿر جي شروعاتي (Eolithic) دور جو نالو ڏنو ويو آهي. نه رڳو ايترو پر عالمن جو گمان آهي ته پٿر جي هنن ڄاتل دورن کان اڳ به ماڻهو ڪن اهڙين شين مثال: ڪاٺ، هڏي وغيره جو استعمال هٿيار طور پئي ڪيو هوندو. پر اهي شيون جٽادار نه هئڻ ڪري نه مليون آهن. پٿر هڪ اهڙي جنس آهي، جيڪا لکن سالن تائين هلي سگهي ٿي، انڪري ثقافت جي انهي دور جا ڪافي تعداد ۾ آثار گهڻن هنڌن تي مختلف نمونن سان انساني هڏن سان گڏوگڏ مليا آهن. انهيءَ دؤر جي حوالي سان K.P.Oakley پنهنجي ڪتاب ’Man the tool maker‘ ۾ لکيو آهي ته: “Man’s ancestors may have been took user, as some relatives of Australopithecus were able to live away from the forests. It means they could provide improvise weapons like sticks, bones as clubs and pebbles as missiles.” هڪ اندازي موجب پٿر جو هي دؤر گهٽ ۾ گهٽ اَٺن کان 10 لک سال هليو هوندو. ان وقت جي ماڻهن قدرتي حادثن، زلزلن ۽ ٻين قدرتي آفتن سبب ڀڳل ڀُريل پٿرن يا روڙن جو ڄاڻي واڻي يا اتفاقي طور استعمال ڪيو هوندو ۽ پوءِ اهڙن پٿرن کي استعمال مان نڪتل نتيجن جي آڌار تي اهڙن يا ان جهڙن ڀڳل يا سڄن پٿرن کي بار بار استعمال ڪندي، انهن جي اهميت سمجهي هوندي. آخرڪار پٿر مان اهڙن اوزارن ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي هوندي، جيڪي اڳتي هلي هڪ باقاعدي صنعت (Industry) جي صورت ثابت ٿيا. پٿر جي پراڻي دور جا وري ٽي مرحلا آهن يعني پراڻي پٿر جو اوائلي دور (Lower Palacolithic)، پراڻي پٿر جو وچون (Middle Palacolithic)، دور ۽ پراڻي پٿر جو پويون دور (Upper Palaco). انهن ٽنهي مرحلن يعني پراڻي پٿر جي دور جو عرصو اٽڪل 18-17 لکن سالن جي برابر آهي. پراڻي پٿر جو دؤر لڳ ڀڳ ويهن لک سالن کان ڏهن هزارن سالن تائين هليو. هن دور جي پويان پراڻي پٿر ۽ نئين پٿر جي وچ ۾ پٿر جو وسطي (Mesolithic) دور اچي ٿو، جيڪو اصل ۾ ٻن اڍائي هزارن سالن جو عبوري يا تبديليءَ وارو وقت هو، جنهن کان پوءِ نئين پٿر جو دور شروع ٿيو، جيڪو هر لحاظ کان سڌريل ۽ اهم دور سمجهيو وڃي ٿو. نئين دور جي پوئين عرصي ۾ هڪ ٻيو دور شروع ٿي ويو ۽ ڪـافي عرصي تائيـن ان سان گڏ هليو. انهي دور کي ڌاتو- پاهڻـي (Chalcolithic) دور جو نالو ڏنو ويو آهي. جنهن کان پوءِ ڌاتو جو دور هليو. بهرحال پٿر جي پراڻي دور جي حوالي سان چيو وڃي ٿو ته: Pleistocene was once dated to one million years but bed 1 at Olduvai has yielded a date of 1.1-7 million to 2 million years. Richard Leaky announced skull of Australopithecus, a member of genus Hmoo earliest than 2.6 million years ago in east Rodolf.” هن سلسلي کي مختصر ۽ سائنسي طريقي سان سمجهڻ لاءِ قديم آثارن جي ماهرن ٿوري گهڻي ڦير ڦار سان ۽ ڪِن معمولي اصطلاحي تبديلين سان ڪي نقشا (Charts) تيار ڪيا آهن، جن کي هن وقت سڄي دنيا ۾ مقبوليت حاصل آهي. انهن مان هڪ چارٽ ۾ پٿر جي دور جا 15 مرحلا ڏيکاريل آهن. وقت جي لحاظ کان پراڻن کان نوَن دورن وارا سلسلا هيٺين ريت آهن: اصل اصطلاح انگريزيءَ ۾ آهن. اصل نالا انهن ماڳن جي نالن پٺيان ڏنا ويا آهن. جتان انهيءَ دؤر جا آثار پهريائين مليا هئا. اهي ماڳ گهڻو ڪري فرانس ۽ اسپين سان تعلق رکن ٿا، انڪري اهو چارٽ يورپ سان وڌيڪ لاڳو آهي. سواءِ اصطلاحن جي، جن کي هر هنڌ لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. اَبيولي (Abhevillian) (پٿر جو پراڻو دور 500000 سالن کان 4 لک سال ).ليڪٽوني (Clactonian) (پٿر جو پراڻو دور 500000 سالن کان 4 لک سال ).اَشيولي (Acheulean) (350،000 کان 250،000 سال)(1) لِوَلائيزي (Levallosion) (250،000 کان 180،000 سال) (2) تياسي (Tayacian) (180،000 کان 90،000 سال ) (3) موسٽيري (Mousterian) (80،000 کان 35،000 سال)(4) شٽل پيروني (Chatelperronian) (35،000 کان 30،000 سال)(5) اورگنيشي (Aurigr)(30،000 کان 25،000 سال) (6) گريويٽي (Gravettian) (25،000 کان 20،000 سال)(7)سوليوٽري (Sloutream) (19،000 کان 15،000 سال) (8)ميگڊاليني (Magdalenian) (15،000 کان 10،000 سال) نمبر 3 کان 5 تائين ٽريڊيشن طورپراڻي پٿر کان هلي، وچئين پٿر جي دور تائين جاري رهيا. پراڻي پٿر جو وچيون دور: ازيلي (Azilian)(1000 کان 500 سال) پراڻي پٿر جي وچئين دور جي پڄاڻي: تاردينوئينزي (ardenoisian) نئين پٿر جو دؤر (Neolithic) (5،000 کان 3،500 سال) ڌاتو- پاهڻي جو دؤر (Chaleolithic) (3،500 کان 2،000 سال) مٿي ڏنل تفصيل يورپ مان مليل آثارن تي ٿيل تحقيق جي بنياد تي ٻڌل آهن، جن جو عرصو اٽڪل 500,000 سالن کان 2000 سال ق.م جي وچ وارو ڪٿيو ويو آهي. پر ايشيا ۾ پٿر جي دور جي شروعات ۽ پڄاڻي يا وري ان جي وچ وارو عرصو يورپ جي پٿر واري زماني کان وڌيڪ آڳاٽو آهي، انڪري ماهرن ان لاءِ جيڪو نقشو تيار ڪيو آهي، سو به مختلف آهي. اهو نقشو لڳ ڀڳ ساڳيءَ صورت ۾ مختصر طور هيٺ ڏجي ٿو: (1) شروعاتي/ قديم ترين پٿر جا اوزار +2 ملين سالن کان 700000 سالن تائين (2) پراڻي پٿر جو دؤر 700000 سالن کان 100000 سالن تائين (3) پراڻي پٿر جو وچيون دؤر 100000 سالن کان 30000 سالن تائين (4) پراڻي پٿر جو آخري دؤر 30000 سالن کان 10000 سالن تائين (5) پراڻي پٿر جي خاتمي جو دؤر 10000 سالن کان +-1000 سالن تائين (6) پٿر جو وچ وارو عبوري يا تبديليءَ وارو دؤر 10000 سالن کان 6500 ق.م تائين. بهرحال اسان جي ملڪن ۾ تحقيق ۽ کوجنا جو سلسلو دير سان شروع ٿيو آهي ۽ اهو ڪم اڃا شروعاتي مرحلن ۾ آهي، انڪري ممڪن آهي ته ايشيا ۽آفريڪا جي ماڻهن جي زندگي ۽ ثقافتي اوسر اڳتي هلي لاوا ڪانڊا (گهٽ وڌ) بيهي ۽ ايشيا جي پٿر جي دور جي موجوده عمر ۾ واڌارو ٿئي. قديم پٿر جي دور جي وٿن ۾ پٿر ئي پهريون اوزار هوندو، جنهن کي هڪ پاسي چهنبيارو ڪري، آسانيءَ سان مُٺ ۾ جهلي، انسان ان کي هٿوڙي، ڪهاڙي، ڇيڻي يا چاقو طور استعمال ڪيو هوندو. اڄ به استعمال جي لحاظ کان Hammer جو مطلب پٿر آهي. هوريان هوريان اهي مخصوص اوزار هڪ جهڙي شڪل مان مختلف شڪلين ۾ تبديل ٿيندا ويا. پٿر ۾ هٿيو هڻڻ لاءِ سوراخ ٺاهيا ويا. آري ٺاهڻ لاءِ ان جا ڏند ڪڍيا ويا. تير يا نيزو ٺاهڻ لاءِ پٿر کي گهڙي چهنبارو ڪري ان کي ڪاٺ جي لڪڙيءَ جي آڏو ٽنبيو ويو. ڪاٺ، عاج ۽ پٿر مان به اوائلي پٿر جي دؤر ۾ رهندڙ انسان هٿيارن جون مختلف شڪليون ڪهاڙيون، کرپيون، آريون، چاقو، ڇيڻيون، تير، سنداڻ، ٺپا، خنجر، بڙڇيون، سوئا ۽ ٻيون بيشمار شيون ٺاهيون. قديم پٿر جي دور جو انسان شڪاري هو، ڪڏهن وڻن جي جهڳٽن ۾ گهر ٺاهي رهندو هو، ڪڏهن غارن ۾ پاڻ کي محفوظ ڪندو هو، درياهن ۽ نهرن جي ڪنارن سان رلندو رهندو هو، جتي مڇي ۽ پاڻيءَ لاءِ ايندڙ خشڪيءَ جي جانورن جو شڪار ڪري پنهنجو پيٽ قوت ڪندو هو. وڌيڪ کاڌ خوراڪ لاءِ جهنگلي ميوا، پاڙون ۽ سوپاريون عام جام ملنديون هيون. قديم پٿر جي طويل زمـاني دوران، سائنسـدانن جي راءِ مـطابق ”انسـان“ پنهنجي ذهانت ۾ اضافو ڪيو ۽ ٻين حيوانن کان گهڻو وڌيڪ ڏاهو ۽ چالاڪ ٿيو. هن زبان کي استعمال ڪري، ڳالهائڻ ذريعي ٻين پاڻ جهڙن انسانن سان خيالن جي ڏي وٺ جو ذريعو پيدا ڪيو. گهرو زندگي، شڪاري ٽولا ٺاهڻ ۽ آخر ۾ قبائلي طرز زندگي جو آغاز ڪيائين. شايد جيڪو وڌيڪ شاطر شڪاري هو، اهو ئي سردار بڻيو ۽ اهڙي طرح ”انسان“ جي اجتماعي زندگيءَ جا بنياد قديم پٿر جي دور کان پوڻ لڳا. سائنس جي لحاظ کان قديم پٿر جي دور جي انسان جو ڪارنامو اهو آهي ته هن پنهنجي ذهني صلاحيتن کي استعمال ڪري پٿر، ڪاٺ ۽ هڏن مان سادا مگر ڪارآمد اوزار ۽ ٻيون استعمال جون شيون ٺاهيون، انهن مان هن پنهنجي ماحول تي قبضو حاصل ڪرڻ شروع ڪيو. باهه جنهن کان شروع ۾ ڊڄندو هو، سا به سندس قبضي ۾ اچي وئي ۽ ڪچي خوراڪ جي جاءِ تي پڪل کاڌو ”انسان“ جي تهذيب ۾ شامل ٿيو ۽ ان جو بنياد بڻجي ويو. جديد انسان جو زمانو نئين پٿر جي زماني (Neolithic Age) کان شروع ٿئي ٿو، تنهنڪري ان کي نئين پٿر جي زماني جو انسان (Neolitic Man) به چئجي ٿو. هن زماني جي تهذيب جون پنج مکيه حاصلاتون هن ريت آهن: (1)زراعت ۽ گهرو جانور پالڻ جو رواج پيو.(2)مستقل رهائش اختيار ڪئي وئي، جنهنڪري ڳوٺن ۽ شهرن قائم ڪرڻ جو رواج پيو. (3) هنرن جي ترقي ٿي ۽ مختلف هنرن جا جدا جدا ڪاريگر پيدا ٿيا. (4)ٺڪر جا ٿانو ٺهڻ ۽ استعمال ٿيڻ لڳا. (5)شين جي مٽاسٽا ۽ وڻج واپار جو رواج پيو. انهن سڌارن کي گڏي ”نئين پٿر جي زماني جو انقلاب“ چئجي ته بجا ٿيندو. انهيءَ انقلاب انساني معاشرن ۽ معاشرتي زندگيءَ جو بنياد وڌو. قديم آثارن جي هڪ ماهر جئڪئيتا هاڪس (Jacquentha Hawkes) جو چوڻ آهي ته: ”انسان پهريون دفعو سلامتيءَ خاطر آزاديءَ جي قرباني ڏني.“ نئين پٿر جي زماني جو ”انسان“ پنهنجي پوک ۽ پاڻيءَ جي ويجهڙائيءَ ۾ ڳوٺ ٻڌي رهڻ لڳو. هن پنهنجا گهر ڪچين سرن، پٿر يا ڪاٺ مان جوڙيا ۽ انهن کي ڪکن، ڪانن يا ڪامن ۽ پٽين سان ڇتيو. شايد کڙهه، دريا دروازي جو رواج به اوائلي زماني کان شروع ٿيو. ڳوٺ جي چوڦير، ٻاهرين حملي (جانورن) کان بچاءَ لاءِ کاهي يا لوڙهي جو رواج پيو. سنڌ ۾ اڃا تائين ڪيترا ڳوٺ کاهيءَ جي نالي سان مشهور آهن. جهڙوڪ: کاهي راهو، کهي قاسم، ڪنڍا کاهي وغيره. وڏن ڳوٺن ۾ مذهبي پوڄا پاٺ لاءِ مندر ۽ عبادت گاهه ٺهيا، جن ۾ جديد انسان جا ابا ڏاڏا پنهنجي معبودن، بتن يا مخصوص الاهي علامتن جي عبادت ڪندا هئا ۽ ”قرباني“ جي رسم به اتي ادا ڪندا هئا. قديم آثارن جا ماهر انهيءَ نتيجي تي پهتا آهن ته عام طور تي، نئين پٿر جي زماني جو انسان (Homosapian) امن پسند هو. هن جي ڳوٺن جون کاهيون ۽ لوڙها فقط جانورن کان بچاءَ لاءِ هئا. قبرن مان به هٿيار هٿ نه آيا آهن، جيڪي پوئين دور ۾ جنگي جوڌن ۽ بادشاهن جي لاشن سان گڏ دفن ڪيا ويندا هئا. نئين پٿر جي زماني جي پوئين دور (Late Neolithic Times) ۾ يعني اڄ کان ڇهه هزار سال اڳي ”انسان“ جي امن پسندي، سندس نسل جي واڌ، مادي ترقي ۽ خوشحالي ۽ ڌن سبب باهمي، ويڙهن ۽ هڪ ٻئي کي مارڻ، قتل ۽ غارتگري جي نذر ٿي وئي. زر، زمين ۽ زال تان انسان جي آسودي زندگي ۾، فساد شروع ٿيو. پوءِ به مادي ترقي ۽ وڌيڪ خوشحاليءَ لاءِ ”انسان“ جو قدم اڳتي وڌندو رهيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو