پٿورو: پٿورو شھر ميرپورخاص کان کوکراپار ريلوي لائين تي هڪ ريلوي اسٽيشن آهي ۽ ميرپورخاص کان عمرڪوٽ باءِ روڊ تي بچاءَ بند وٽان هڪ الڳ روڊ نڪري پٿوري شھر ڏانهن وڃي ٿو. هن شھر تي هي نالو پير پٿوري جي نالي پٺيان پيو. جنهن کي هندو (خاص ڪري ميگهواڙ جاتي) ۽ مسلمان، پنهنجو پنهنجو پير تصور ڪن ٿا. سال 1882ع ۾ هن شھر کي تعلقي جو درجو ڏئي ٿرپارڪر ضلعي سان ملايو ويو. بعد ۾ ٽائون ڪميٽيءَ جو درجو ڏئي ساماري تعلقي ۾ ملايو ويو، هن وقت هي ضلعي عمرڪوٽ جو هڪ تعلقو آهي. هن شھر جي لڳ قديم دؤر جو هڪ قبرستان بہ آهي، جيڪو ”ميران جو مقام“ سڏجي ٿو، ان قبرستان لڳ قديم مدرسي جا تاريخي آثار بہ آهن، جنهن لاءِ مرحوم خانصاحب سائينداد خان شوري 503 ايڪڙ زمين وقف ڪئي هئي، جيڪا هاڻي اوقاف کاتي جي ملڪيت آهي، هتي هر سال پٿوري پير تي ميلو بہ لڳندو آهي، جيڪو ستن ڏينهن تائين هلي ٿو، جنهن ۾ هندو توڙي مسلمان عقيدتمند سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ايندا آهن (ڏسو: پير پٿورو).پير پٿوري جي مزار لڳ هڪ تمام پراڻو کٻڙ هن وقت بہ سلامت آهي، جنهن جي هيٺان ٽالپر دؤرجي بزرگ ۽ صوفي شاعر صديق فقير سومري اچي چِلو ڪڍيو هو. انهيءَ کان سواءِ هتي چنگل جو دائري وارو مدرسو، ارڙ فقير جي مزار، کنڀريءَ جا کنڊر، ڪاروءَ جو پٽ ۽ حرن جو لوڙهو خاص تاريخي ۽ ثقافتي اهڃاڻ آهن.پٿوري شھر جي اتر ۾ مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ جو شھر ”گرهوڙ“ ۽ ڏکڻ ۾ ”اڪڙي“ جو شھر آهي، جنهن جو ذڪر صوفي شاعر ميين شاھہ عنايت رضويءَ بہ ڪيو آهي تہ: ’وٺا پٽ پراڻ جا، اڪڙي سامارو.‘