پڃاري واھہ: هيءُ واھہ ڄامشوري پل (لوئر سنڌ بئراج) وٽان نڪري ٿو. نئين وهڪري ۾ هي واھہ تعلقي حيدرآباد، ٽنڊي محمد خان، ميرپور بٺوري، سجاول، جاتيءَ ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن کي آباد ڪري ٿو. ڪوٽڙي بئراج جي تعمير ٿيڻ کان اڳ هي واھہ ڦاٽ جي حيثيت رکندو هو، جيڪو ”ڦليلي ڦاٽ“ ۽ ”گونيءَ“ جي نالي سان وهندو هو. ٽنڊو محمد خان، سيري، ماتلي، تلهار ۽ بدين، ان جي ڪپ تي مشھور شھر هئا. بدين ۾ گونيءَ جي پڇڙي ٿيندي هئي. هن وقت تعلقي ميرپور بٺوري ۾ ٻني شھر وٽان نڪري، بٺوري ۽ جاتيءَ جي ڀر ۾ ’ڇتن جي ڳنڍي‘ جي ويجهو ’گونگڙي‘ سان وڃي ملندو آهي. مقامي ماڻهو ان کي مختلف نالن سان سڏين ٿا؛ جيئن پڃاري، ڇوٽي پڃاري، شور واھہ، اڇ ڇنڊڻ ۽ ڇيڄو وغيرہ.