پڃرو
پڃرو: پکين کي ڦاسائي رکڻ جي جاءِ. هي اڳي ڪکن ڪانن مان ٺهندو هو. هاڻي لوهي پڃرا عام جام ٺهن ٿا، جن ۾ تتر، طوطا، ٻٽير وغيره رکيا ويندا آهن. سرنديءَ وارا اڄ به ڪانن جو پڃرو جوڙائين ٿا. سرن جي پڪن ڪانن کي ڏڻڪ ڪري، هڪ جيترو ڪٽي سندن پڇڙيون يا پوپا آمهون سامهون ڪندا آهن، پوءِ انهن ڏڻڪن جون چوٽيون ننڍيون ڇتين سان ملائي چئن ڏڻڪن جو چوراس ٺاهيندا آهن. هڪ پاسي کان ڇتيون ٽپائي آمهون سامهون واري ڏڻڪ مان آرپار ڪري وڌيل ڇيت ڀڃي ڇڏين ۽ سڄي ڏڻڪ مان آڱر آڱر جي وٿيءَ تي ڇيت ٽپائيندا ويندا آهن. اهڙي طرح ٻئي طرف کان به ڪن، پوءِ ڏڻڪن جا پنج چار انچن جا چار ٽڪرا ڪنڊن تي هڻن، جن کي”پاوا“ چون، پاون تي تري جيترو ڏڻڪن جو بوتو ٻڌن. بوتي جي پاسن کي ڇتين سان واڻين. هڪ هڪ پائي تي فوٽ مني فوٽ جو ڏڻڪ هڻن. انهن ڏڻڪن جا مٿيان پاسا وڃي پاڻ ۾ ملائين ته ڄڻ منارو ٺهي پوي، جنهن کي ”ٽوپي“ چون. ان ٽوپيءَ کي ڇتين سان ورائي پڃرو تيار ڪن. ٽي پاسا بند، هڪڙي پاسي در رکن. ٽوپيءَ جي چوٽي تي هٿ وجهڻ لاءِ ڏوري ٻڌن. اهڙي نموني ٻٽ وارا پڃرا به ٺاهين. ٻن پڃرن جي وچ ۾ ڪاٺي وجهي ٻنهي کي هڪ ٻئي سان جوڙين ته ”ڳٽ- پڃرو“ ٺهي پوي. جنهن ۾ ٻه پکي رکبا آهن.