پڃريون کڻڻ

پڃريون کڻڻ: سنڌ جي مشھور راندپڃري کڻڻ‘ واري راند زور آزمائيءَ جي مظاهري جي راند آهي. ڪاٺ يا پٿر جي ڪنهن وزندار ٽڪر کي پوري وچ مان ڇلي منجهس مٺ وجهڻ جي جاءِ ٺاهي ويندي آهي. پهلوان اهڙي پڃري کڻڻ جون شرطون هڻندا آهن ۽ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪندا آهن. ننڍا ٻار وري پنھنجي قد بت آهر پڃريون ٺهرائيندا آهن ۽ اهي هڪ هٿ سان کڻندا آهن.عام طور ننڍڙن ٻارن کي بہ پڃري بنائبو آهي. يعني ٻانهن سان ڪانڀ ڪڍائي ويهاربو آهي. ان بعد سندس ٻنهي ٻانهن مان هڪ پاسي ٻانهن وچان لنگهائي ٻيءَ ٻانهن ۾ هٿ وجهي کڻبو آهي. هن راند ۾ پئسن وغيرہ جي شرط نہ لڳندي آهي، صرف عزت جو خيال هوندو آهي. هن راند ۾ جسم کي نهايت اعليٰ درجي جي ورزش ملندي آهي. ساڳئي وقت پٺن، ڏورن، ڪراين ۽ ڇاتيءَ ۾ مضبوطي پيدا ٿيندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو