پچي ڪاري

پچي ڪاري

پچي ڪاري

پچي ڪاري (Mosaic): رنگين شيشي، سنگ مرمر، سنگ سياھہ، يا ٻيا قيمتي پٿرن جا ننڍڙا ننڍڙا ٽڪرا ڳنڍي ڪا ڊزائن تيار ڪرڻ کي ’پچي ڪاري‘ چئبو آهي. هيءُ خالص مشرقي فن آهي. شروعات ۾ هيءُ ڪم صرف اڇي سنگ مرمر يا ڪاري سنگ مرمر جي ٽڪرن کي جوڙي ڪيو ويندو هو. سياھہ سنگ مرمر کي فارسيءَ ۾ ’سنگ موسيٰ‘ چيو ويندو آهي، جنهنڪري هن فن کي انگريزيءَ ۾ موزئڪ (Mosaic) چيو وڃي ٿو. لاهور جي قلعي، يا ٻين پراڻين مغل عمارتن ۾ هي ڪم وڏي مهارت سان ٿيل آهي. هن فن جي ڪري عمارتون وڌيڪ سهڻيون ۽ پُرڪشش بڻجن ٿيون. اڄڪلھہ موزئڪ (Mosaic) جو عمارتن جي فرشن ۾ عام استعمال ٿئي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو