
پڊعيدن تواريخ جي آئيني ۾
پڊعيدن تواريخ جي آئيني ۾ (ڪتاب): سنڌ جي قديم شھر پڊعيدن جي تاريخ تي مشتمل هيءُ ڪتاب زاهد حسين سومري لکيو آهي. هن ڪتاب ۾ پڊعيدن شھر سان گڏ ڀرپاسي جي ڳوٺن واهڻن، وستين جو ذڪر ڪيل آهي، نہ فقط ايترو، پر پڊعيدن شھر جن بہ ارتقائي دورن مان گذري حال کي رسيو آهي، ان جو ذڪر ۽ شھر سانوابستگي رکندڙ صوفي بزرگن، سياستدانن، قانون جي ماهرن، مشاهيرن، سگهڙن، فنڪارن، سماج سڌارڪن، صحافين توڙي مدرسن، علمي ڪتب خانن، اسڪولن، ڪاليجن، مسجدن، مندرن، ٺڪاڻن، قبرستانن ۽ مساڻن سميت ليکڪ تہ شھر جي هر ڳالھہ کي يڪجاءِ ڪري تاريخي ماخذ بڻائي ڇڏيو آهي. ڪتاب ۾ ڪل 9 باب آهن، جن ۾ مٿي ڄاڻايل مواد کي درج ڪيو ويو آهي. ڪتاب جي ارپنا ليکڪ پاران سنڌ جي مورخ ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائيءَ کي ڪئي وئي آهي. ڪتاب جو مهاڳ پڻ ڊاڪٽر خانائيءَ لکيو آهي، سپ پبليڪيشن نوابشاھہ پاران جنوري 2010ع ۾، پڪي جلد سان، ڊيمي سائيز ۾ ڇپايل، هن ڪتاب جي قيمت 200 روپيا ڄاڻايل آهي ۽ هن ڪتاب ۾ ڪل 222 صفحا آهن.