پڊ عيدن: ضلعي نوشهري فيروز ۾ واقع هيءَ تاريخي شھر ميرن جي صاحبيءَ ۾ آباد ٿيو. هيءَ شھر ڀنڀاڻي ذات جي ديوان عيدن مل نالي هڪ زميندار آباد ڪيو، جيڪو شروع ۾ ’پٽ عيدن‘ ۽ پوءِ ’پڊ عيدن‘ جي نالي سان مشھور ٿيو. شروعات ۾ هيءُ فقط هڪ ننڍڙو ڳوٺ هو، جنهن ۾ ڀنڀاڻي ذات وارا ديوان عيدن مل ۽ ان جا ڪي خاص عزيز رهندا هئا. ميرن جي صاحبيءَ تائين هيءَ شھر ڳوٺ جي صورت ۾ رهيو، پر انگريزن جي سنڌ تي قبضي ڪرڻ بعد جيئن سڄي سنڌ ۾ معاشي، سماجي ۽ ڪي ٻيا سڌارا آنداويا، تہ هن ڳوٺ بہ ترقي ڪئي. انگريزن جي اچڻ کان اڳ هن ڳوٺ جي آبادي ڪل 485 ماڻهن تي محيط هئي. پر انگريزن اچڻ شرط ريلوي لائين وڇائي جنهن لاءِ هن شھر کي جنڪشن جو درجو ڏنو ويو. آبپاشيءَ کاتي جا بنگلا، آفيسون جوڙايون ويون. خاص طور ٺارو شاھہ وايه محراب پور فيڊر ريلوي لائين وڇائجڻ سان هن شھر جو ويجهين وسندين سان تڪڙو رابطو جڙيو ۽ هيءُ شھر تڪڙي ترقي ڪرڻ لڳو. ورهاڱي کان اڳ ۾ هندو خواھہ مسلمان ميٺ محبت سان هن شھر ۾ رهندا هئا ۽ هندن جو وڏو انگ هتي آباد هو، پر ورهاڱي ٿيڻ سبب هتي جا هندو هندستان جي مختلف شهرن ڏانهن لڏي ويا ۽ وڏي انگ ۾ هندستان کان ايندڙ مهاجر، شھر ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ آباد ٿيندا ويا. هن شھر جي آدمشماري تمام گهڻي وڌي وئي. ورهاڱي کان پوءِ پڊ عيدن شھر ۾ ڪافي ترقياتي ڪم ٿيا، روڊ رستا پڪا، سرڪاري عمارتن ۾ اسڪولن، اسپتالن جو قيام پڻ رکيو ويو. هن وقت پڊ عيدن کي يونين ڪائونسل جو درجو مليل آهي. جڏهن تہ هتي بئنڪون، اريگيشن کاتي جون آفيسون، ٽيليفون، گرڊ اسٽيشن، ڪاليج، هاءِ اسڪول، ٽيڪنيڪل تعليم جو ادارو، ريلوي اسٽيشن (جنڪشن) وغيرہ موجود آهي. هن وقت هن شھر جي آبادي 25 هزارن جي لڳ ڀڳ آهي، جڏهن تہ 16800 ماڻهو ووٽن لاءِ رجسٽرڊ ٿيل آهن. پڊ عيدن جيئن تہ ساهتي واري خطي ۾ آباد آهي، تنهنڪري هتي لاڙ کان وڌيڪ ۽ اتر کان گهٽ گرمي هوندي آهي. ان جي ئي پيش نظر هتي گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 26.5 ۽ وڌ ۾ وڌ 51.6 سينٽي گريڊ رڪارڊ ٿيل آهي. پڊ عيدن علمي، ادبي ثقافتي لحاظ کان پڻ سنڌ جي اهم شهرن ۾ شمار ٿئي ٿو. لوڪرام ڏوڏيجا، ڪاڪي ڀيرو مل هن شھر تي خوب لکيو آهي. هتي ڪيترائي پراڻا کوھہ اڄ بہ موجود آهن. شھر جي چوڌاري زرعي زمين آهي، جتي وونئڻ، ڪڻڪ، ڪمند، ساريون، تر، گوار، طرحين طرحين ڀاڄيون، انب، ڪيلا، کجيون، ليما وغيرہ وغيرہ ڀلئون ڀل ٿين ٿا. شھر ۽ ڀر پاسي ۾ جملي 8 مسجدون، 9 مدرسا آهن. هن شھر ۾ سنتوشيءَ جو مندر، رامديو پير جو مندر ۽ سوائي ڪيولرام جو آستانو موجود آهن، جيڪي ماضيءَ ۾ هندن جي اهم عبادتگاهن ۾ شمار ٿيندا هئا، پر هندن جي ساڻيھہ کان موڪلائڻ سبب اهي يادگار هينئر ناهن رهيا. پڊ عيدن ۾ ابڙا، اڄڻ، آريجا، انصاري، بروهي، بڙدي، ڀٽا، ڀٽي، خاصخيلي، ڀنڀرا، تنيا، پلھہ، پيرزادا، جانوري، جوکيا، جويا، چانڊيا، چانگ، چنا، چوهاڻ، آرائين، سولنگي، سومرا، سيال، سيد، راشدي، عالماڻي، ڪوري، شيخ، مري، مڱريا، ميگهواڙ، هنڱورا، مير بحر، ميمڻ ۽ ڪن ٻين ذاتين وارا پڻ رهن ٿا. شھر ۾ ڪل 27 پاڙا ۽ ڪالونيون آهن. هتي ڪيترن ئي بزرگن ۽ اهل ﷲ درويشن جون درگاهون آهن.
هتي آخوند محمد حسين سومرو، پروفيسر نارائڻ داس ڀنڀاڻي، گهنشام داس رامنداس ڀڳت، پورن کٽواڻي سمايل، رميش ڪرناڻي، پمن مل جھڙا ڪيترائي اديب هئا، جيڪي ورهاڱي بعد هندستان لڏي ويا. زوار محمد صالح رستماڻي، استاد بچل بيوس، منصور ملڪ، محمد انس راجپر، فقير يوسف ملاح، غلام حيدر لاشاري، عبدالرزاق فولاد انصاري، سيف ﷲ جويو وغيرہ جھڙا ٻيا بہ شاعر ۽ اديب هن شھر جا رهواسي آهن. هتان جي ماڻهن انڊين نيشنل ڪانگريس، مسلم ليگ، خلافت تحريڪ جي سياسي محاذن تي ڀرپور ڪم ڪيو ۽ اڄ بہ پيپلز پارٽي، جيئي سنڌ قومي محاذ، ڪن ٻين پارٽين جي پليٽ فارم وسيلي سياسي طور سجاڳ آهن. ائين چوڻ ۾ ڪو بہ وڌاءَ نہ ٿيندو تہ پڊ عيدن شھر ساهتي پرڳڻي جو اهم شھر آهي.