پڍار: هنن ماڻهن جي پڪي تاريخ نه ٿي ملي، پر اهي ڏندڪٿائن موجب پاڻ کي پڍار يعني پوڄاري سڏائيندا آهن. هي هنگلاج ماتا جا پوڄاري آهن، جنهن جو آسٿان بلوچستان ۾ آهي. ڪنهن زماني ۾ سنڌ ۾ هن ذات وارا شاهوڪار رهيا آهن، پر ڪن اڻڄاتل سببن ڪري هو ميواڙ طرف هليا ويا، اتي ڏڪار پيو ته هنگلاج ماتا کين واپس سنڌ وڃڻ جي موڪل ڏني، آهستي آهستي هو پٺتي موٽندا ويا. آخر سنڌ مان لڏي، سوراشٽر ۾ وڃي وسيا. هنن جي رسم رواج ۽ رهڻي ڪهڻيءَ مان لڳي ٿو ته اهي ’سمنڊ کيڙائـو‘ رهيا آهن. هڪ انومان اهو به معلوم ٿيو آهي ته کنڀات تائين وهندڙ سنڌو نديءَ جو وهڪرو بدليو يا سرسوتي ندي سُڪي، تنهن وقت هيءَ ذات هتي ئي رهندڙ هئي ۽ اڃا پڻ رهي ٿي. سندن ڪٿائون ٻڌائين ٿيون ته سندن وڏا سنڌ کان اچي هتي رهيا هئا. هو گول قبن جي شڪل واريون جهوپڙيون جوڙي رهندا آهن. مڇي مارڻ، پکين جو شڪار ڪرڻ، ٻيڙيون هلائڻ، چوپايو مال چارڻ ۽ مزدوري ڪرڻ سندن پيشو آهي. رنگ جا ڪارا، پر مضبوط ۽ بهادر آهن، پر نه هو راجپوت آهن، نه ڪولهي، رنگ ۽ گڻ جي خيال کان هو ٻنهي جو ميلاپ لڳندا آهن.
لالاڻي، پانچاڻي، ساپرا، دوئڙا، سامنيا، ٻڌواڻي، ڌاڀي، ناگڻي، مير، راجپرا، ڪليريا وغيره سندن مکيه آڪهيون آهن. سوراشٽر سرڪار طرفان شايع ڪرايل گزيئٽيئر ۾ لکيو ويو آهي ته: ”پڍار لوڪ، سنڌ جي سامونڊي ڪناري يا سنڌونديءَ جي ڪناري ويجهو رهندا هئا ۽ بعد ۾ هتي سوراشٽر ۾ اچي آباد ٿيا.“