پڙاڏو (Echo): آواز جي موٽ واري گونج کي پڙاڏو چئبو آهي. جڏهن آواز ڪنهن ويجهي شيءِ سان ٽڪرجندو تہ اهو جلد موٽ کائي اسان جي ڪنن تائين پهچندو، ان ڪري پڙاڏو ٻڌڻ ۾ نہ ايندو، پر جيڪڏهن آواز کي ٽڪرائڻ کان پوءِ موٽائيندڙ شيءِ گهڻو پري هوندي تہ پڙاڏو ٻڌڻ ۾ ڪجهہ وقت لڳي ٿو.
شاھہ لطيف جو بيت آهي تہ:
پـڙاڏو سو سـڏ، ور وائـيءَ جـو جـي لهـين،
هـئا اڳهـيـن گــڏ، ٻُـڌڻ ۾ ٻـه ٿيـــا.
يعني ’پڙاڏو‘ ۽ ’سڏ‘ ٻئي ساڳي ڳالھہ آهن، ڇاڪاڻ تہ پڙاڏو انهيءَ ساڳئي سڏ جي ورندڙ گونج آهي. اردو/ فارسيءَ ۾ ان کي ’بازگشت‘ چئبو آهي.