پڙهيا: اهي شيون، جن تي ڪي ٽوڻا ڦيڻا يا ڪامڻ ڪيل هجن: مثال طور ڪاري سُٽ جو ڌاڳو، تعويذ، پليتا، پڙهيل پاڻي، وار، هٿن جا ننهن وغيرہ. پڙهيا خاص ڪري وارن، هٿن پيرن جي ننهن تي ڪيا ويندا آهن. مت موڙهل ماڻهن ۾ ويساھہ آهي تہ اهي پڙهيا، پوءِ ٽوڻن ڦيڻن ۽ ڪنهن قرباني ڏيڻ کان پوءِ لهندا. انهن کي سنڌ جي سماجي ارتقا ۾ جھالت ۽ اڻڄاڻائيءَ جي اهڃاڻ طور شمار ڪري سگهجي ٿو، جنهن کي تعليم ۽ شعور ذريعي سماج رد ڪري چڪو آهي.