پکاوج
پکاوج: هڪ ساز، هن کي مر دال، پکائوج، مردالا ۽ پکاوج جي مختلف نالن سان سڏيو ويندو آهي. هي ڍولڪ وانگر ٿئي ٿو. شڪل ۾ گول هوندو آهي، هي ضرب جو ساز آهي، جيڪو هٿن سان ساڄي کاٻي پاسي وڄائبو آهي ۽ هن جا ٻول طبلي وانگر نڪرندا آهن. پکاوج ڪلاسيڪي ۽ نيم ڪلاسيڪي گائڪيءَ ۾ استعمال ٿيندو آهي.
پکاوج جو نر سُر وارو حصو کاٻي هٿ سان ۽ مادي سر وارو حصو ساڄي هٿ سان وڄائبو آهي. هي ڍولڪ وانگر هڪ ئي ڪاٺيءَ جو پورو گول کوکو هوندو آهي. جنهن جي مادي واري پاسي تي ٻڪريءَ جي اوجهري ڪمائي چاڙهبي آهي، جڏهن ته نر واري پاسي تي ٻڪريءَ جي ڪمايل کل چاڙهيندا آهن. هي تمام ڪهنو وڄت جو ساز آهي. هي ڊيگهه ۾ ڍولڪ کان اڌ فوٽ ڊگهو ۽ ويڪر ۾ اڌ فوٽ سنهو ٿئي ٿو. هن تي چمڙي جا پڙ ڍولڪ وانگر چڙهيل هوندا آهن ۽ ٻنهي پاسن کان چمڙي جون ڪمايل رسيون ڇڪي ٻڌل هونديون آهن، سر تال بيهارڻ لاءِ ڪاٺ جا 8 گول ٽڪرا رسين جي وچ ۾ وٿين وٿين سان رسين ۾ بيهاريل هوندا آهن، جن کي ڪشي يا ڍرو ڪري تالي (مادي) جي مختلف` حصن مان مختلف ٻول مختلف هنڌن تي ڌڪ يا ضربون هڻي ڪڍيا ويندا آهن. هٿوڙي جي نرم ڌڪن سان طبلي وانگر ڪنارن کي ويهاري تال کي ساز سان ملايو ويندو آهي. هن کي صرف تانپوري يا سارنگيءَ جي آس سان ملائي سگهبو آهي. درپد ڳائڻ وارا هن ساز جي سنگت کي وڌيڪ پسند ڪندا آهن. هن جي ردرا ويڻا ۽ سر بهار تي سٺي سنگت بيهندي آهي. هن جو آواز گهرو ۽ چٽو ٿئي ٿو. پکاوج تي سڀ تال وڄائي سگهبا آهن. هن ساز بابت روايت آهي ته هي ساز گڻيش ديوتا جو ايجاد ٿيل آهي. هن جو آواز وڄ جي گرج وانگر يا توبن جي ڌماڪي وانگر ٿئي ٿو. ڪڏهن ته جهرڪين جي چهڪار به ڏئي، وڄت وارن سازن ۾ هن جو درجو بادشاهي آهي، خاص طرح برصغير جي موسيقيءَ ۾، جيتوڻيڪ هاڻي اهو اوج ڪونه اٿس. هي ويڻا ۽ درپد سان گهڻو وڄائي ويندي هئي. اڄڪلهه خيال ڳائڻ وارا، جيڪي پاڻ سان ستار وڄرائين ٿا، اهي پکاوج سان سنگت ڪن ٿا. هن جي جاءِ هاڻي طبلي ورتي آهي. هي مردنگ وانگر ٿئي، پر نمونو ٿورو مختلف اٿس. هن جي ماديءَ واري حصي تي سياهي يا ”شاهي“ لڳائي وڃي ٿي. ڪتابن ۾ هن جو ذڪر ڪافي آڳاٽو ملي ٿو. اڪبر جي دور جي لکيل ڪتاب ”آئين اڪبريءَ“ ۾ به هن ساز جو ذڪر موجود آهي. برصغير ۾ هن جا وڏا وڏا وڄائڻ وارا رهيا آهن، جن ۾ راجستان جو ناٿ دوار وڏو فنڪار آهي.