
ملڪه پکراج
پکراج، ملڪہ: ننڍي کنڊ جي ملڪہ موسيقي، ملڪہ پکراج 1927ع ۾ هميرپور (ڄمون) ۾ پيدا ٿي. هن ان وقت جي استادن کان ڪلاسيڪي موسيقيءَ جا بنيادي گُر سکيا. لکنئو جي شمبو مهاراج کان ناچ بہ سکيو. ان کان پوءِ استاد بڙي غلام علي خان جي استاد علي بخش کانسواءِ استاد برڪت علي خان کان بہ سکيا ورتائين. استاد مبارڪ علي خان سندس پهريون باقاعدي استاد هو، جيڪو ڄمونءَ ۾ هن جي گهر ۾ مسواڙ تي رهندو هو. ملڪہ پکراج ڪشميري گيتن ۽ غزلن کي زبردست نموني ڳايو آهي. سندس صلاحيتن جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو تہ هيءَ 9 سالن جي عمر ۾ ڪشمير رياست جي حڪمران راجا هري سنگهہ جي درٻار ۾ ڳائڻيءَ جي حيثيت ۾ گزيٽيڊ آفيسر مقرر ٿي. ارڙهن سالن جي عمر ۾ نوڪري ڇڏي، لاهور ۾ اچي وئي. لاهور جي هڪ رئيس سيد شبير احمد شاھہ سان شادي ڪيائين. سندس ڇھن ٻارن مان ڪنهن بہ پنھنجي ماءُ جي فن کي اڳتي نہ وڌايو، سواءِ ننڍي ڌيءَ طاهرہ سيد جي. ملڪہ پکراج اردو ۾ پنھنجي آتم ڪهاڻي بہ لکي آهي.