
پَکو
پَکو: تيلين يا ڪانن مان ٺهيل جهوپڙي، پَتَر، مَنَهن يا پکو. پکو ڪچي اڏاوت ۾ گهڻو ڪم ايندو آهي، پکو ٿوڻين جي وچ ۾ اُڀو بيهاري اندران ٻاهران گاري جي لنڀ ڪري ڇڏبي. اهڙيءَ طرح چئني پاسن کان ڪانن جي پتر ڏيئي، مٿان ڇت ۾ بہ پکو وجهي جُهڳو ٺاهيندا آهن. اها عارضي رهائش آهي. سَرن جا، ڇھن کان اٺن فوٽن تائين ڊگها ڪانا پکي ۾ ڪم ايندا آهن، يڪي ويڪر ۾ ٻارهن کان ارڙهن فوٽن تائين بہ ٺهندا آهن. عام طرح ’ماري‘ ۽ پارهيڙي ذات جا ماڻهو سَرَ وڍي، انهن جي ڪانن مان پکا ۽ ٽُوئا ٺاهيندا آهن.
ويدن واري دور کان گهڻو آڳاٽو سنڌ جي ماڻهن پکو ايجاد ڪري ورتو هو، جيڪو سنڌ جي ماڻهن جي لاءِ مستقل رهائش توڙي لڏ پلاڻ جي حالت ۾ گهڻي سک ۽ آرام جو باعث ثابت ٿيو. خاص طور تي مالوند ماڻهو هر هر نئين گهر ٺاهڻ جي هلاڪيءَ کان هميشہ لاءِ ڇٽي پيا ۽ جڏهن بہ هڪ هنڌان ٻئي هنڌ وڃڻ جو خيال آيو تہ پکي کي بہ هو پاڻ سان سولائيءَ سان کڻي وڃي ٿي سگهيا. پکو سچ پچ تہ سنڌ جي ماڻهن لاءِ سراپا رحمت ثابت ٿيو، جيئن حضرت ڀٽ ڌڻيءَ فرمائي ٿو تہ:
پکــي پيهــي آئـيـو، رحـمــت جــو ريـلـــو.“
ايءُ نہ مارن ريت، جيئن سيڻ مٽائين سون تي،
اچي عمرڪوٽ ۾، ڪنديس ڪا نہ ڪريت،
پـکـن جـي پـريـت، مـاڙيـن سيـن نـه مٽـيـان.
پکا ۽ پنهوار، ڏٺي مون ڏينهن ٿيا.
پکو سنڌ جي قديم رهاڪو دراوڙ نسل جي ماڻهن جي ايجاد معلوم ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ تہ هن وقت بہ جيڪي ذاتيون يا قبيلا پکا ٺاهين ٿا ۽ پکي کي گهر طور استعمال ڪن ٿا، تن مان اڪثر جو تعلق سنڌ جي قديم دراوڙي نسل سان آهي، جن ۾ اوڏ، ميگهواڙ، مهاڻا، ڀيل، ماڇي، شڪاري ۽ آهيڙي خاص طور تي ذڪر جي قابل آهن.
برهمڻ دور ۾ جيڪي ڪاسبي ذاتيون مشھور ٿيون، تن ۾ شڪاري ۽ مهاڻا بہ هئا. ڏکڻ سنڌ جي مهاڻن جا جيڪي قبيلا آهن، تن مان هڪ قبيلو اهڙو بہ آهي، جنهن جو نالو ئي پکي جي مناسبت سان ”پکيئڙا“ آهي. ٺٽي جو مشھور قديمي ورڪر محمد صديق پکيئڙو مشھور شخص ٿي گذريو آهي.
هن نسل جي جن ماڻهن سامونڊي ڪنارا وڃي وسايا، تن جي ڪارواين جو ذڪر بہ گهڻي حد تائين تاريخ جي ڪتابن ۾ محفوظ ٿي چڪو آهي.
پکي جا قسم: ٿلهي ليکي اسان وٽ پکن جا فقط ٻہ قسم آهن:
(الف) سر جي ڪانن مان ٺهندڙ پکا (ب) پن جي ڪانن مان ٺهندڙ پکا. بناوت جي لحاظ کان وري پکن جا هيٺيان مختلف قسم آهن، هڪڙي سٿيءَ وارا پکا ۽ ٻن سٿين وارا پکا، هڪڙيءَ سٿيءَ واري پکي جي سٿي صرف هڪ پاسي کان ورايل ٿئي ٿي ۽ ٻن سٿين واري پکي جون سٿيون ٻنهي پاسي کان ورايل ٿين ٿيون، ٻن سٿين وارا پکا گهڻو ڪري پن مان ٺاهيا ويندا آهن.
ان کان سواءِ شڪل جي لحاظ کان بہ پکي جا مختلف قسم آهن جھڙوڪ مستطيل، چورس ۽ ٽڪنڊا.
پکي ٺاهڻ جا ٻہ طريقا آهن، (الف) ڪانن جي ترتيب ۽ (ب) گهربل سامان ۽ ان جي استعمال جو طريقو. جن جي جدا جدا وضاحت هن ريت ٿيندي.
پکي ٺاهڻ جي سڀني طريقن ۾ ڪانن جي ترتيب کي بنيادي اهميت حاصل آهي. چورس يا مستطيل قسم جو پکو ٺاهڻ لاءِ ڪانن جو استعمال ” ابت سبت “ اصول مطابق ٿيندو آهي. ان قسم جي پکن ٺاهڻ لاءِ ڪانن جي مٿي ورائڻ لاءِ پڻ مٿين ترتيب کي ڌيان ۾ رکيو ويندو آهي مراد هيءَ تہ هڪڙي ڪاني جي پاڙ وارو پاسو ٿلهو ٿئي ٿو. ان کي ڪٽي مٿي وارڻ جي قابل بنائي هڪڙي پاسي رکيو ويندو آهي، تہ ان بعد جيڪو ٻيو ڪانو کڄندو، تنهن جي چوٽيءَ واري سنگي پاسي کي مٿي ورائڻ جي قابل بنائي، ٻئي طرف رکيو ويندو آهي. اهڙي نموني پاڙ واري پاسي کان ڪٽيل ۽ چوٽيءَ واري پاسي کان ڪٽيل ڪانن جون ٻہ جدا جدا سٿيون تيار ٿي وينديون آهن ۽ پکو ٺاهيندڙ واري واري سان هر هڪ سٿيءَ مان ڪانو کڻندو هلائيندو ويندو آهي، پر ٽڪنڊو پکو ٺاهڻو هوندو آهي تہ پوءِ سڀني گهربل ڪانن جي صرف پاڙ واري ٿلهي پاسي کي ئي ڪٽي مٿي وارڻ جي قابل بنايو ويندو آهي، ٽڪنڊي قسم جا پکا صرف چئونرن جي مٿان ڏيئي سگهبا آهن.
گهربل شيون: پکو ٺاهڻ لاءِ، (الف) مڃ جون نوڙيون، (ب) لوھہ جي سوئڻ، (ج) هٿوڙو ڪاٺ مان ٺهيل، (د) اڏي، (ھہ) ڪلا، (و) سوئو وغيرہ گهربل هوندا آهن.