پکو/ پکائي
پکو/ پکائي: اهڙن قديم قبيلن جو ذڪر ڪافي آڳاٽو ملي ٿو. ماهرن، پنجاهه هزار ق.م کان ڏهه هزار ق.م جي وچ واري عرصي کي مختلف قسمن جي ڪاريگرن جو شروعاتي دور چيو آهي. ان دور ۾ ڪن هنرن ۾ وڻن جون ٽاريون، خام مال طور استعمال ٿينديون هيون. ”تاريخ اقوام“ عالم ۾ آهي ته ”ان دور ۾ مختلف هنرن جو رواج پيو ۽ ماڻهن وڻن جي شاخن مان ٽوڪرا ٺاهڻ شروع ڪيا.“ ان دور جي انسان ٽوڪرا ٺاهڻ کان اڳ وڻن جي شاخن کي جهوپڙين ٺاهڻ جي ڪتب آندو. جيئن ته ان زماني ۾ لاڏائو لوڪن کي پيٽ جي پورائيءَ لاءِ بار بار پنهنجا اجها ڇڏڻا ٿي پيا. هر نئين ماڳ تي کين نئين سري سان، رهائش جو بندوبست ڪرڻو ٿي پيو. آخر اهو اوائلي انسان، مختلف حيلا هلائڻ بعد اهڙو گهر ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿيو، جيڪو هڪ هنڌان ٻي هنڌ کڻي ٿي وڃي سگهيا. جيئن اٿر ويد جي منڊل نائين ۾ ڄاڻايل آهي ته: ”جاءِ کي به اسين جوءِ وانگر پاڻ سان وٺيو وڃون.“ البت رگويد مان اها خبر نٿي پئي ته ماڻهو پنهنجا گهر ڪيئن جوڙيندا هئا. پر اٿر ويد جي منڊل نائين مان ڄاڻ ملي ٿي ته ”گهر لاءِ ڪو چڱو پٽ چونڊي، ان جي چئن ڪنڊن تي چار ٿنڀا کوڙي، مٿان ڪامون رکندا هئا. ان مهل ڪي منتر به ٻوليندا هئا.“
ننڍي کنڊ جي انهن مقدس ڪتابن ۾ پکن سان گڏ تڏن جو ذڪر به اچي ٿو. جيڪي به گهر ۾ چيلهه سڌي ڪرڻ لاءِ ڪتب ايندا هئا. جيئن رگ ويد ۾ ذڪر ٿيل آهي ته ”گهر ۾ پٽ تي تڏا وڇائيندا هئا ۽ ڪي گاهه پکيڙي ڇڏيندا هئا.“
ساڳي ويد ۾ ئي اشارو آهي. ”مهمان گهر ۾ ايندو هو ته کيس هٿ منهن ڌوئڻ لاءِ پاڻي ڏيندا هئس ۽ تڏي تي ويهاريندا هئس.“ هڪ ٻئي ويد ۾ به تڏي جو ذڪر آهي، ”جيڪڏهن ساڳي تڏي ۽ فرش تي سمهندا ها ته وچ ۾ وٿي ڇڏيندا ها.“
مطلب ته سنڌي ماڻهن، ويدن واري دور کان گهڻو آڳاٽو پکو ۽ تڏو ايجاد ڪري ورتو هو. جيڪو لڏ پلاڻ توڙي آرام جي ڪم ايندو هو.
ڊگهـي اڏام منهـي، پـکـو اڏام لانـڍ،
اڏيو جن ورانڍ، تن صبح سـوارو لـڏيـو.
پکو، سنڌ جي قديم رهاڪن دراوڙن جي ايجاد معلوم ٿئي ٿو. هن وقت به سنڌ جون اڪثر قديم قومون، پکن کي گهر طور استعمال ڪن ٿيون. هڏواڙ، گرگلا، شڪاري، آهيڙي، مهاڻا وغيره ڪن ٿيون. ”تاريخ تمدن سنڌ“ مان اهڙي ڳالهه جي شاهدي ملي ٿي ته برهمڻ دؤر ۾ مشهور پورهيت ذاتين ۾ شڪـاري ۽ مهـاڻـا به هئا. مهاڻن جون ڪجهه ذاتيـون ”پکائي“ به سڏائين ٿا.
”چچ نامي“ ۾ به ”پکيئڙا“ قبيلي جو ذڪر اچي ٿو.
پکاين جو جيئن ته تعلق پن، سر ۽ ڪانهن سان آهي ۽ انهي گاهه ۽ ٻوڙن جي اوسر درياهه جي پاڻيءَ تي آهي، سنڌوءَ جو لڙاٽيل پاڻي، جنهن به نار، ندي، واهڙ، ڪڙئي ۽ ڪس تان لنگهي ٿو. اتان زمين جي پيٽ مان پن ۽ سرن جا سهڻا سلا نروار ٿين ٿا. جتي پن آهي اتي پکائي پهچن ٿا. اهڙي طرح سانگهڙ ۾ نارا ڪئنال ۽ مکي ڍنڍ جي آسپاس پيدا ٿيندڙ پن، سرن ۽ ڪانهن تي پکاين جا ٻه سو گهر آباد آهن. جن ۾ تيمور، شيخ، ابڙا، سما، ٿهيم، ڌنڌال، ٻاڏاهي اچي وڃن ٿا.
پکاين جي ڪاريگريءَ جا اوزار به تمام سادا ۽ سستا آهن، پکائي ڪانن جي ڪکائين پوش کي پُسائي ڪُٽين ٿا ته مڃ سنهين تندن ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي، جنهن مان پکن وغيره کي ٻڌڻ لاءِ نوڙيون ٺاهيون وڃن ٿيون. ان بعد ڪانن يا پن جي پسيل پاسي وارن ڇيڙن ’مئي‘ ۽ ڊيگهه واري وٽ ’مُٺيا‘ کي مناسب ڌوڳي ’اڏي‘ تي رکي هڪ وزني ڪاٺ جي هٿوڙي ’هنگري‘ سان ڪٽي ورائڻ لائق بڻائيندا آهن. آخر ۾ لوهه يا ڪاڄ جا ٻه ’ڪلا‘ پکي جي ڊيگهه مطابق هڪٻئي جي سامهون زمين ۾ لڳائي. مڃ جي نوڙيءَ جو ڇيڙو هڪ ڪليءَ ۾ ۽ ٻيو ڇيڙو ٻي ڪليءَ ۾ ٻڌي شروعات ڪبي آهي. ڪم دوران لوهه جي ڏيڍ فوٽ ڊگهي ڪاٺ جي هٿئي وارو سوئو ’سونهڻ‘ ڪانن ۽ پن کي سوراخ ’سوٽڻ‘ جي ڪم آڻبو آهي. آخر ۾ ڳوڻين سبڻ واري لوهي سوئي ۾ مڃ جي نوڙي وجهي، سوئڻ سان ڪيل ڪانن ۽ پن جي سوراخن مان نوڙي لنگهائي پکي جو ’سيبو‘ يا ’چيلڪ‘ ڪبو وڃبو آهي.