پکي

پکي

پکي

پکي

پکي

پکي

پکي

پکي

پکي

پکي: پکي کنڀن وارا ڪرنگهيدار جاندار آهن. سڀني پکين کي ٻہ پير ۽ پرن جو جوڙو ٿيندو آهي. پکي اڪيلي مخلوق آهي، جنهن جي جسم تي کنڀ هوندا آهن، جيئن نانگ کل مٽائيندو آهي تيئن پکين جا کنڀ بہ ڇڻندا ۽ نوان ڦٽندا آهن. اهو سلسلو هر سال يا مند آهر هلندو آهي، کنڀ ٽن قسمن جا هوندا آهن. انهن جو ڪم بُت ڍڪڻ آهي، جسم جا هيٺيان کنڀ نرم ۽ بجدار هوندا آهن ۽ پکيءَ جي بت کي گرم رکندا آهن. کنڀڙاٽين جا کنڀ اڏامڻ ۽ رخ بدلائڻ ۾ مددگار هوندا آهن. پکيءَ جي بناوت ڪجهہ اهڙي ٿئي ٿي جو ان کي لس اڏامڻ ۾ آساني ٿيندي آهي. پکيءَ جي اهڙي کنڀڙاٽين ۽ ڇاتيءَ جون مشڪون تمام مضبوط هونديون آهن. ڇاڪاڻ تہ انهن کي پَر ڦڙڪائڻ ۽ هوا ۾ اڏامڻ لاءِ مضبوط مشڪن جي ضرورت هوندي آهي. پکي پنھنجي قد بت جيترن ٻين جانورن جي ڀيٽ ۾ هڏا تمام هلڪا ٿيندا آهن، ڇو تہ انهن جون هڏيون کوکليون هونديون آهن.
پکيءَ کي کير پياريندڙ جانورن وانگر ڪرنگهي جي هڏي بہ ٿيندي آهي. جنهن جي سهاري هن جو جسماني نظام برقرار رهي ٿو. پکي آنا لاهيندا آهن ۽ پنهجن ٻچن کي چوڳو ڏيندا آهن. سائنسدانن مطابق دنيا ۾ پکين جا ڪل 8500 قسم آهن. هر قسم جي پکيءَ جي جسامت، سڀاءُ ۽ رنگ الڳ الڳ آهي. سڀ کان وڏو پکي اٺ پکي (شتر مرغ) آهي، جيڪو 8 فوٽ ڊگهو ٿئي ٿو ۽ ان جو وزن 150 ڪلو آهي ۽ سڀ کان ننڍو ”همنگ“ پکي آهي، جيڪو ڊيگهہ ۾ هڪ کان ڏيڍ انچ ٿيندو آهي. هيءُ اهڙو پکي آهي، جنهن جي کنڀن مان مختلف قسم جا آواز نڪرندا آهن. هي پکي گلن ڦلن جي رس پيئندو آهي. سڀني کان تيز رفتار شڪرو پکي آهي، جيڪو هڪ ڪلاڪ ۾ 250 ڪلوميٽر (150 ميل) اڏامي سگهي ٿو. سڀني پکين کي کنڀ/ ڦنگهڙ ٿين، پر اهي سڀئي پکي اڏامي نہ ٿا سگهن (وڌيڪ ڏسو: پَر). نيوزيلينڊ ۾ ’ڪيوي‘ پکيءَ جا پر ننڍا ننڍا آهن، جو مشڪل سان ڏسڻ ۾ اچن ٿا. اٺ پکيءَ جو جسم ڳرو ۽ سيني جون هڏيون سخت هونديون آهن، ان ڪري اڏامي نہ سگهندو آهي. پکين جون چُهنبون بہ قدبت جي حساب سان مختلف ٿين ٿيون. مڇيون جهليندڙ پکين جھڙوڪ: ٻگهہ ۽ ڏوئلي، تِڏ ۽ آبي پکيءَ جي چهنب وڏي ۽ چوٽيءَ واري ٿئي، جڏهن تہ باز جي چهنب سخت هوندي آهي، داڻا چُڳڻ وارن پکين جون چهنبون ننڍيون ۽ مضبوط ٿين ٿيون. پکين جي ساھہ کڻڻ واري عمل ۾ سڀ کان اهم، هوا جون اهي ٿيلهيون آهن، جيڪي ڦڦڙن سان ڳنڍيل هونديون آهن ۽ انهن جون شاخون جسم جي مختلف حصن ۾ پکڙيل هونديون آهن، اهي ٿيلهيون پکين کي اڏامڻ ۽ ترڻ ۾ مدد ڪرڻ کان سواءِ انهن جي گرميءَ جي درجي تي پڻ ضابطو رکن ٿيون. گهڻن پکين کي گُجي هوندي آهي، انهن ۾ هو پنھنجي کاڌي جو ذخيرو ڪري رکندا آهن، انهيءَ گُجيءَ مان خوراڪ معدي ۾ ويندي آهي. پکين جي دل جا چار حصا ٿين ٿا، جن ذريعي انهن جي جسم کي آڪسيجن سان ڀرپور رت ملي ٿو. پکين جو دماغ وڏو ٿيندو آهي. پکين جون اکيون اڳيان هونديون آهن، پر هو پوئتي مڙي بہ شين کي ڏسي سگهن ٿا. پکين جا سڀئي قسم گهڻو ڪري پنھنجي رهڻ لاءِ آکيرا ٺاهيندا آهن. اهي آکيرا هو گهڻو ڪري هموار زمين، وڻن جي ٽارين ۽ غارن ۾ ٺاهيندا آهن. پکين جي عمر بہ مختلف ٿئي ٿي، ڪن پکين جي عمر تمام گهٽ تہ ڪن جي وري 20 سالن کان 30 سال ٿئي ٿئي. دنيا جو قديم پکي Archaeopteryx هو، جنهن جو ڍانچو جرمنيءَ ۾ مليو هو، سائنسدانن ان جي قدامت جو اندازو 190 ملين سال لڳايو آهي.
پکي بہ گرم رت وارو جاندار آهي، ان ڪري سندس جسم ۾ گرميءَ جو درجو سياري توڙي اونهاري ۾ ساڳيو رهندو آهي. سنڌ ۾ سڀ کان وڏا پکي پيڻ، ڪونجون ۽ ڳجهون آهن. سنڌ ۾ پکين جا کوڙ قسم ٿين ٿا، جيڪي ڇھن مختلف ماحولن ۾ رهن ٿا. اڳي سنڌ ۾ ٻن قسمن جون ڪونجون اينديون هيون، انهن مان هڪ سارس ڪونج، جيڪا ماڻهوءَ جيڏي ڊگهي ٿئي ٿي، اهي سياري جا لاڏوڻي پکي آهن. سارس هاڻي سنڌ جو رخ نہ ٿي ڪري. باقي عام ڪونجون سنڌ جي ڏکڻ ڏانهن هليون وينديون آهن. ڪي ٻيا ڊگها آبي پکي جھڙوڪ: سانھہ، تُور ۽ لاکو ڄاڃي سنڌ جي ڍنڍن تي لهندا آهن. هماليائي ڳجهہ بہ ماڻهوءَ جيڏي ڊگهي هوندي آهي. ان جي پَرن جي پکيڙ 9 فوٽ کان مٿي ٿي سگهي ٿي. اها ڳجهہ سنڌ ۾ بہ ٿئي ٿي، ان جي پُٺيءَ تي اڇو چِٽو ٿيندو آهي. ڪيناڙي جي عمر ٽيھہ سال ٿي سگهي ٿي. ابابيل دنيا ۾ سڀ کان تيز رفتار پکين ۾ شامل ٿئي ٿو. سنڌ ۾ ابابيلن جا گهٽ ۾ گهٽ ٻہ قسم آهن.
جنهن وقت پکي اڏامڻ چاهيندا آهن. تڏهن اهي هوا ۾ گهُت هڻي پوري طاقت سان پر ڦڙڪائيندا آهن. ڳِجهون وغيرہ ايتريون وزني هونديون آهن. جو انهن کي اڏامڻ لاءِ پهرين زمين تي ڊوڙڻو ۽ زور زور سان پَر هڻڻا پوندا آهن.
پکين لاءِ اڏامڻ ان ڪري ضروري آهي تہ جيئن اهي پنهنجا آکيرا بلند جاين تي ٺاهي سگهن. جڏهن، چؤ طرف خوراڪ گهٽجي ۽ ٿڌ شروع ٿي ويندي آهي، تڏهن انهن کي خوراڪ لاءِ تمام پري گرم علائقن ڏانهن وڃڻو پوندو آهي. ڪي پکي مثال طور: تِڪ يا ملهالا، اڏامي خوراڪ جهٽيندا آهن، ڪي اڏامي اڏامي زمين تي خوراڪ ڳوليندا آهن، ڪن پکين کي خشڪيءَ تي رهندڙ دشمن کان بچڻ لاءِ هوا ۾ اُڏامڻو پوندو آهي.
پکي آکيرا ٺاهڻ ۽ آنا ڏيڻ لاءِ وري زمين تي لهندا آهن، ڇاڪاڻ تہ زمين تي اَن ۽ پاڻي آهي. اهي پنهنجن ٻچن کي غذا کارائيندا آهن، آنن تي آرو ڪندا آهن. پنھنجي نوع جي پکين سان ملندا، لڳ ۽ آرام ڪندا آهن. پکي زمين تي لھڻ مھل پهرين پير رکندو آهي ۽ پنهنجا پر ۽ پُڇ پئراشوٽ وانگر پکيڙي پنھنجي رفتار گهٽائي ڇڏيندو آهي. ڪي پکي مثال طور عقاب وغيرہ پنهنجا پَر پکيڙي هوا تي ترندا رهندا آهن. وڏا پکي پنهنجا پَر هوريان هوريان ۽ ننڍا پکي تيز تيز ڦڙڪائيندا آهن. آسمان ۾ تمام مٿي اڏامندڙ ڪن پکين کي پَر ڦڙڪائڻ جي ضرورت پوندي آهي، اهي هوا جي زور تي مٿي ٿيندا ۽ ترندا ويندا آهن.
پکين کي ڏند ڪونه ٿيندا آهن. ڏندن جي بدران انهن کي چهنب ٿيندي آهي. انهن چهنبن جي شڪل يا ماپ بہ مختلف هوندي آهي، ڇاڪاڻ تہ پکي مختلف قسمن جون شيون کائيندا آهن. مثال طور ڪانءَ جي چهنب مضبوط ۽ نوڪيلي ٿئي ٿي. ڇو تہ اهي ٻين پکين جي آنن سميت لڳ ڀڳ هر شئي کائي ويندا آهن. ان ڪم لاءِ کين تيز ۽ نوڪدار چهنب گهرجي.
سِرڻ جيئن تہ ڍونڍ خور پکي آهي، ان ڪري اها ننڍڙا ۽ مئل جانور ڳولي کائيندي آهي. ان جي چهنب جي نوڪ تيز ۽ مڙيل هوندي آهي، جنهن کي گوشت ۾ ٽنبي ان کي چيري ڦاڙي ڇڏيندي آهي. عام جهرڪي پنھنجي چهنب سان ٻج ٽوڙيندي آهي. ان جي چهنب ننڍي ۽ مضبوط ٿيندي آهي. تيل وهيڙو گلن جي رس تي پلجي ٿو. ان ڪري سندس چهنب ڊگهي ۽ سنهي ٿيندي آهي. ڪاٺ ڪُٽو پنھنجي چهنب کي ڇيڻيءَ وانگر استعمال ڪري ڇوڏن ۽ ڪاٺ کي کوٽيندو آهي.
اڪثر آبي پکين جي چهنب ڊگهي هوندي آهي. اهي مڇي خور آهن. انهن مان ڪي پکي گپ ۾ رهندڙ ننڍڙا جانور ۽ جيت کائيندا آهن، ٽيٽيهر جي چهنب ڊگهي ۽ سنهي هوندي اٿن، جنهن سان گچ ۾ شڪار پيو ڳوليندو آهي. لاکو ڄاڃي پنھنجي چهنب سان گڦ ڇاڻيندو آهي. ڪانهرن جي چهنب ڏند دار هوندي آهي. جن سان هو مڇي جهليندا آهن (وڌيڪ ڏسو: آبي پکي- جلد پهريون).
پکي پنھنجي آواز سان هڪ ٻئي کي اشارا ڪندا ۽ خطري جو چتاءَ ڏيندا آهن. اهي قسمين قسمين آواز ۽ ٻوليون ڪندا آهن. ڪي هڪ ئي سُر پيا ورجائيندا آهن. ٻيا مٺيون ٻوليون ٻولي سگهندا آهن ۽ مختلف سُر ڪڍندا آهن. چڪچڪا مٺو ٻوليندا آهن. ان ريت هو هڪ ٻئي سان رابطو ڪندا آهن يا ماحول ۾ موجود خطرن يا خوشگواريءَ جو اظهار ڪندا آهن، يا هڪٻئي کي سڏيندا آهن. پکي ٻين طريقن سان بہ هڪٻئي سان رابطو ڪندا آهن، پَر ڦڙڪائي ۽ هوا ۾ مٿي اڏامي ٻين پکين کي خطري کان آگاھہ ڪندا آهن.
ڪي نَر پکي (مثال طور مور يا ڪبوتر) آواز ذريعي يا ناچ ذريعي مادين جو ڌيان ڇڪيندا آهن يا انهن کي ريجهائيندا آهن. ڪي پنهنجن رنگين کنڀن جي نمائش ڪندا آهن. لڳ جي مند ۾ عام طور تي نر پکين جا کنڀ شوخ ۽ رنگين ٿي ويندا آهن. اڪثر پکي پاڻ کي پنھنجي رنگ جي مدد سان ماحول ۾ لڪائيندا آهن. جيئن طوطو پاڻ کي وڻن ۾ لڪائڻ لاءِ پنھنجي رنگ کي استعمال ڪندو آهي. تلور تہ پٿريلي ماحول ۾ بلڪل گم ٿي ويندي آهي.
پکين جي چنبن ۾ اڳيان ٽي ٽي وڏيون آڱريون ۽ هڪ ننڍي آڱر پوئين پاسي هوندي آهي. پکي انهن آڱرين جي مدد سان هلندا آهن. توازن برقرار رکندا آهن، وڻن جي ٽارين تي ويهندا آهن ۽ وري کاڌو جهليندا آهن. شڪاري پکي باز ۽ شِڪرو وغيرہ پنھنجي تيز چنبن سان نانگ ڪوئا ۽ ٻيا جانور پڪڙي کائيندا آهن. ڪاٺ ڪُٽا پنهنجن چنبن سان وڻ جي ٿُڙ تي چڙهندا اهن. ’ٻار ٺڳا‘ وغيرہ پنهنجن وڏن پيرن ۽ ننڍين آڱرين جي مدد سان تمام تيز ڊوڙندا آهن. ڪن پکين جون آڱريون ننڍڙيون هونديون آهن، جيڪي سولائيءَ سان مڙي وينديون آهن. اهڙيون آڱريون سنهڙن تِيلن کي پڪڙي ويهڻ لاءِ تمام مناسب هونديون آهن. پيهوڙي، جهنگ ڪڪڙ ۽ ڪُهنگ جون آڱريون سنهيون ۽ ڊگهيون ٿين ٿيون، جنهنڪري اهي پکي پاڻيِ تي ترندڙ پنن جي مٿان پنڌ ڪري سگهندا آهن. سنڌ ۾ بدڪن ۽ قازن جا گهڻائي قسم آهن. اهي گهڻو ڪري وقت پاڻيءَ ۾ گذارين ٿيون. انڪري انهن جي پيرن جون آڱريون کَل وانگر هڪ پردي سان پاڻ ۾ ڳنڍيل هونديون آهن. ٽٻڻن، ڪانهرن ۽ چيڪلن وغيرہ جي پيرن جون آڱريون ان ريت ڳنڍيل هونديون آهن.
پکي آکيرا ٺاهي رهندا آهن، جتي پکي آنا ڏين ٿا ۽ آنن جي ڦُٽڻ کانپوءِ چُوزن جي سنڀال ڪن ٿا. آکيرو چوزن ۽ ننڍڙن پکين جي حفاظت ڪري ٿو ۽ انهن کي گرم رکي ٿو. مختلف پکي مختلف قسم جا آکيرا ٺاهيندا آهن. ڪي آکيرا ٿورڙن ڪلاڪن ۾ ٺھي ويندا آهن، ڪي ڏينهن ۽ هفتن ۾ تيار ٿيندا آهن. ڪي سادا ۽ ڪاٺڙين جا ٺهيل هوندا آهن، ڪي آکيرا تہ تمام احتياط ۽ مهارت سان تيار ڪيل هوندا آهن. اهي عام طور تي نرم گاھہ سان ٺاهيل هوندا آهن. اڪثر پکين جا آکيرا وڻن تي ٿين ٿا، ڪي زمين تي بہ ٺاهيندا آهن تہ عمارتن جي روشندانن يا اوچن ٿنڀن تي بہ آکيرا اڏين ٿا. هُد هُد، ڪِنگر ۽ ٽوٻا پنهنجا آکيرا پاڻيءَ جي ويجهو زمين جي ڪنڌين ۾ ٺاهيندا آهن. ٻُٽيرا ۽ جهنگ ڪُڪڙ زمين تي هلڪيون گڏون کُرڙي آکيرا ٺاهينديون آهن. ٻَٻر پکي پنهنجو آکيرو باقاعدي آُڻيندو آهي. انڪري مٿس اهو نالو پيو آهي ’درزي پکي‘. باز، سِرڻيون، ڪانءَ، ڳيرا ۽ ٻيا وڏا پکي ڪاٺڙين، گاھہ ۽ کنڀن سان پنھنجي لاءِ آکيرا جوڙيندا آهن. درزي پکي پنھنجي لاءِ ڊگهيا آکيرا سِبندا آهن. تِڪ پکي پيالي نما آکيرا ٺاهيندا آهن ۽ ابابيل مِٽي استعمال ڪندا آهن. ڪي پکي تمام سست، چالاڪ ۽ ٺڳ ٿيندا آهن. ڪوئل ۽ ڪي ٻيا پکي پنهنجا آکيرا نہ ٺاهيندا آهن. اهي پنهنجا آنا ٻين پکين جي آکيرن ۾ لاهي ويندا آهن.
لڳ کان پوءِ پکي آکيرو جوڙڻ شروع ڪندا آهن، ڪڏهن اهو سڄو ڪم مادي ڪندي آهي، ڪڏهن جوڙو گڏجي آکيرو ٺاهيندو آهي، جڏهن آکيرو تيار ٿي ويندو آهي، تڏهن مادي آنا ڏيندي آهي، اڪثر پکي هڪ وقت ۾ ٻہ يا ٽي آنا ڏيندا آهن. مادي پنھنجي پيٽ ۾ گهڻو وقت آنو جهلي نہ سگهندي آهي. انڪري اڪثر پکين کي پنهنجا آنا گرم رکڻ لاءِ آکيري ۾ انهن تي ويهڻو يا آرو ڪرڻو پوندو آهي، ان دوران ٻچا آنن ۾ تيار ٿيندا رهندا آهن.
ڪُهنگ پکي ۽ بدڪون هڪ ئي وقت ڏھہ ٻارنهن آنا ڏينديون آهن. آنا ڦُٽڻ وقت اڪثر چوزا بي کنڀ هوندا آهن ۽ ڏسي بہ نہ سگهندا آهن. ماءُ پيءُ انهن کي کارائيندا ۽ اُڏامڻ سيکاريندا آهن. وڻن ۾ آکيرا ٺاهيندڙ پکي عام طور تي اڇي رنگ جا آنا ڏيندا اهن ڇو تہ آکيرا گهڻو مٿي هوندا آهن. ڪنهن شڪاريءَ جو انهن تائين پهچڻ ڏکيو هوندو آهي ۽ بيضن کي گهڻي حفاظت جي ضرورت نہ هوندي آهي. زمين تي ڏنل آنا عام طور تي رنگين يا چِٽن وارا هوندا آهن، اهڙيءَ طرح آنا نظرن کان لڪي ويندا آهن. سنڌو نديءَ جي ڪناري آکيرا ٺاهيندڙ پکين کي اهو ڌيان ۾ رکڻو پوندو آهي تہ انهن جا آنا پاڻي چڙهڻ جي مند کان اڳ ڦُٽي پون.
دنيا جي گهڻن ئي گرم ملڪن وانگر سنڌ بہ لاڏائو پکين لاءِ سياري جي مند ۾ بھترين گهر آهي. هتي پکي هر سال هجرت ڪندا آهن. دنيا جي ڪن حصن ۾ سياري دوران مند تمام ٿڌي ٿي ويندي آهي ۽ خوراڪ گهٽجي ويندي آهي. اهڙن علائقن ۾ رهندڙ سڀ پکي اُڏامي ويندا آهن. اهي گرم ۽ گهڻي خوراڪ وارن علائقن ڏانهن لڏيندا آهن ۽ ڪجهہ مهينن کان پوءِ واپس موٽي ويندا آهن. اڪثر لاڏائو پکي تمام پري تائين اڏامي سگهندا آهن، انڪري اهي هر سال هجرت ڪندا آهن. يعني انهن جا ٻہ وطن ٿين ٿا. پهريون گهر اهو هوندو اٿن، جتي اهي آنا ڏين ۽ آکيرا ٺاهين ٿا، ٻيو گهر اهو اٿن، جتي آرام ڪن ٿا ۽ سولائيءَ سان خوراڪ ملندي اٿن. ڪي پکي ٿورو پنڌ پري تائين هجرت ڪندا آهن، اهي ميدانن کان جبلن ڏانهن ويندا آهن. سائنسدان اڃا تائين حيران آهن تہ ڊگهي پرواز ڪندڙ پکي رستو ڀٽڪڻ کانسواءِ ڪهڙي طرح پنھنجي منزل تائين پهچي ويندو آهي. پکي گهڻو ڪري اتر کان ڏکڻ ۽ ڏکڻ کان اتر طرف هجرت ڪندا آهن.
سنڌ جي کيرٿر ۾ ”اناج خور کان وٺي گوشت خور ۽ ڍونڍ خور“ هر قسم جو پکي آهي. ڪي پکي ميوا، ٻير، ٻِج، ڦريون ۽ ٻُوٽن جا ٻيا حصا کائيندا آهن يا گلن جو رس چوسيندا آهن. ڪي پکي جيت خور آهن پر کوڙ سارا شڪاري پکي ڪوئا، نانگ، ڏيڏر ۽ ڪرڙين جھڙا ننڍڙا جانور پڪڙي کائيندا آهن. انهن جون چهنبون تکيون ۽ نظر تمام تيز هوندي آهي. چٻرا، باز، شِڪرا، عقاب پنهنجن پنهنجن مقرر وقتن ۽ جاين تي شڪار جي تاڙ ۾ هوندا آهن. سڀ کان گهڻو شڪار ڪوئن جو ٿئي ٿو. ڪوئا تمام جلد يعني هر ساڍن ٽن مهينن ۾ ٻچا ڪندا آهن. اهي ٻچا تمام جلد جوان ٿي ويندا آهن ۽ پاڻ بہ ٻچا ڄڻڻ لڳندا آهن. نتيجي ۾ ڪوئن جي پيدائش جو هڪ اڻکٽ سلسلو هلندو رهندو آهي. ان ريت هڪ بالغ جوڙي مان فقط هڪ سال اندر 1000 ڪوئا پيدا ٿي سگهن ٿا. ڪوئا فصلن لاءِ سخت نقصانڪار آهن ۽ بيماريون بہ پکيڙي سگهن ٿا. انڪري ڪوئا خور پکي انسانن لاءِ وڏي نعمت آهن. ساڳي طرح سِرڻيون، ڳجهون ۽ ڪانءَ ’ڍونڍ خور‘ سڏبا آهن، اهي هر قسم جو ماس کائي ويندا آهن. ڳجهون مُردار جانورن جو ماس ڪجهہ ڪلاڪن اندر کپائي ڇڏينديون آهن. جنهن سان قدرتي ماحول ۽ هوا صاف رهي ٿي.
پکي نہ رڳو سھڻا ۽ سُريلا ٿيندا آهن، پر اهي فطرت جي توازن ۾ پنهنجو حصو ادا ڪن ٿا. سڀ کان پهرين تہ اڪثر پکي خود شڪار ٿي ٻين جانورن توڙي انسانن جي زندگيءَ جو سبب ٿين ٿا. شڪاري پکي نقصانڪار ڪوئا، جيت، مڪڙ ۽ ڪينئان کائيندا آهن. ٻجن جي ڦهلاءَ ۾ پکين جو خاص ڪردار آهي. ڪي پکي مختلف قسمن جا ٻير، پيرون ۽ ميوا کائيندو آهي. ان کانپوءِ اهي ٻئي پاسي اڏامي پنهنجو ڦوڳ ڇڏيندو آهي، ان ڦوڳ ۾ ثابت ٻِج بہ شامل هوندا آهن. انهن مان ڪي ٻج ڦُٽي پوندا آهن ۽ اهو ميويدار وڻ ڪنهن ٻي جاءِ تي حياتياتي محور بڻجي ويندو آهي.
سنڌ ۾ جيڪي پکي ملن ٿا، انهن مان ڪن کي خشڪيءَ وارا پکي چئجي ٿو، جيڪي گهڻو ڪري وڻن ۾ پنهنجا آکيرا ٺاهين، اتي ئي رهن ۽ آنا لاهين، جن ۾ جهرڪي، ڪَٻَرَ، ڳيرو ۽ ڪبوتر قابل ذڪر آهن. خشڪيءَ وارن پکين ۾ ٽيٽيهر هڪ اهڙو پکي آهي، جيڪو سڌيءَ زمين تي آکيرو ٺاهي آنا لاهيندو آهي ۽ اتي ئي رهندو آهي. ٻيا اهڙا پکي آهن، جيڪي پرديسي پکي يا موسمي پکي سڏبا آهن، اهي سوين قسمن جا هوندا آهن، جيڪي مختلف ملڪن مان اڏامي موسم جي مناسبت سان سنڌ جي ڍنڍن وارن علائقن ۾ اچي رهندا آهن ۽ وري واپس هليا ويندا آهن.
سنڌ جي موضوع تي وڏي ڄاڻ رکندڙ ايڇ.ٽي.سورلي، سنڌ جي پکين بابت هن طرح لکيو آهي:
”سنڌ جي پکين ۾ مخصوص خاصيتون آهن، جيڪي جاگرافيائي بيهڪ ۽ طبعي حالتن جي ڪري پيدا ٿيون آهن، سنڌو ماٿري ڪڇ جي ’رڻ‘ وسيلي هندستان کان ڌار ٿيل آهي، جنهنڪري هندستان جا مشھور پکي هتي ڪو نہ ٿين. ٻئي طرف سنڌ ۽ بلوچستان، ٻين علائقن، جھڙوڪ: ڏکڻ يورپ، اتر اوڀر آفريڪا، عرب ۽ ايران جي پکين لاءِ کليل آهن. سنڌ جون ڍنڍون ۽ ڌٻڻيون، ۽ ان طرف پکين جي لڏي اچڻ جي رستن جي موافقت ڪري، سنڌ پکين لاءِ سياري جي موسم ۾ پناھہ وٺڻ جي لحاظ کان وڏي حيثيت رکندي آهي.“
هيوم (Hume) پنھنجي ڪتاب، اسٽري فيڊرس (1872ع) ۾ پکين جا 2500 قسم ڄاڻايا آهن، جن جون 250 جنسون آهن.
ايٽڪن (1872ع) ڪل 400 جنسون ٻڌايون آهن ۽ ساڳئي وقت ايٽس (Eates) سورلي جي سنڌ گزيٽيئر ۾ 426 جنسون ڄاڻايون آهن، جن مان 177 مڪاني ۽ باقي لڏي ايندڙ يا سانگي پکين جون آهن. مختصر طور سنڌ ۾ ٽن قسمن جا ’پيڻ‘، ٻہ پيٽيئر (Cormorant)، ڇھہ ٻگهہ ۽ ڪانئرا، هڪ لاکي ڄاڃي، يارنهن سانھہ، ڇويھہ هنج ۽ بدڪون، سترنهن سرڻيون، عقاب ۽ ڳجهون، ڇھہ ڪونجون، پنج تتر ۽ ڀؤنتريا، ڇھہ ٻاٽيڀڙ، پنج باز، ٽيٽيهر، پلوور (Plover)، ڦوليارو، چيهو، ڪينو، ٽرن (Tern)، بي ايٽر (Bee eater)، ڪاٺ ڪٽو، ڪنگري، سانهڙو، چنڊول، سئنڊ مارٽن (Sand Martin)، وهيو، بلبل، کٽياڻي، شرائيڪ، (Shrike)، ٿرش (Thursh)، سئنڊپائپر (Sand Piper) وغيرہ قسم طور عام ملن ٿا. ڏاڙهيءَ واري ڳِجهہ کيرٿر جي مٿانهن پٽن ۾ ملي ٿي. سنڌ ۾ جيڪي ٻاٽيڀڙ ملن ٿا، تن مان سواءِ ’ڳٽو‘ (Largepin tailed) ۽ امپيريل (Imperial) جي سڀ مڪاني آهن، چڪور سنڌ جي مٿانهن پٽن جو تتر آهي. هندستاني تلور، جيڪو اڳ ٿر ۾ عام هو. سو هاڻ ناياب آهي. هُوبارا تلور (Houbara Bustard) بہ ناياب ٿيندو وڃي. فلوريڪن (Florican)
جيڪو سن 1875ع تائين عام هو، سو بہ ناياب ٿيندو پيو وڃي. سفيد هنج منڇر ۾ ملي ٿو. ڪومب بدڪ (Com Duck) بہ سنڌ جي ڏکڻ اوڀر ۾ ملي ٿي. ننڍڙو هنج ۽ آڙي (Clucking teal) پڻ سنڌ ۾ ڪڏهن ڪڏهن اچن ٿا. گولڊن آءِ (Golden eye) ۽ چيڪلو صرف ٻن جڳهين، اڀرندي ناري ۽ منڇر ۾ ملن ٿا. ڀؤنتريو هڪ موسمي پکي آهي، جيڪو حب نديءَ جي آسپاس رهي ٿو. عام ڀؤنتريو (Rain Quail) ڪچي جي علائقن ۾ رهي ٿو. مور، حيدرآباد ۽ ٿرپارڪر ضلعن ۾ عام ملي ٿو.
واديءِ مهراڻ ٻگهن، سانھہ، ڪانيئرن، ڪينو، پيڻ ۽ اگريٽس (Egrets) وغيرہ جي جنت آهي. هنن جي آنن لاهڻ جون جايون تباھہ ٿي چڪيون آهن، ان سان گڏ شڪارين جي ڪري ڪيترا پکي منتشر بہ ٿي ويا آهن. صرف 15 قسمن مان 6 قسم نظر اچن ٿا. انهن مان اڪثر پکي ڌٻڻ وارن ٻوٽن ۾ ئي گذارو ڪن ٿا.
خُشڪيءَ جا پکي: خشڪيءَ جي پکين ۾ ڀورو تتر، ڪارو تتر (ايراني تتر بہ ڏسڻ ۾ آيو آهي)، ڪبوتر، ڳيرو، ونهيو، چپڻي، لغڙ، ڪاٺ ڪُٽو، هُدهُد، جهنگ ڪڪڙ، جهرڪي، ڀونتريو، چَتون، ڍولير، چانھہ، ڪانگ (کاري طرف بلڪل ڪاري رنگ جو ڪانگ بہ ڏسڻ ۾ آيو آهي)، ڪٻر (ڳاڙهي چهنب واري بہ هتي لڀندي آهي)، پروڙي باز، بلبل، جَهار، ننڍو ليلهو، ڪار دونهاري، مالار، ڳجهہ، پيلو باز، سرڻ، ٽٽيهر، چاپانگو، ميٽر، هَڪو، ڀور، ابابيل، ڀوڙي، دنهائي، ٽيٽيهو، ٻاٻيهو، ڊم مرچ، تاڙو چٻ (چٻروبحري باز، ڪرنا، هورا، اڇو ڪنگر ۽ ڳاڙهو ڪنگر شامل آهن، انهن ۾ چانھہ ۽ هدهد ٻاهريان پکي آهن، جيڪي موسم آهر هر خطي ۾ ڏسبا آهن.
سنڌ ۾ پرديسي پکي سياري جي موسم ۾ لاڙ واري علائقي ۾ اچي رهندا آهن، جڏهن سيارو ختم ٿي ويندو آهي تہ وري اهي پرديسي پکي روھہ/جبل جي سرد علائقن ڏانهن هليا ويندا آهن. سنڌ ۾ ڪيتريون ئي ڍنڍون آهن، جتي پکي اچي زندگيءَ جا ڏينهن گذارين ٿا. هاليجي ڍنڍ ۽ منڇر ڍنڍ اهڙن پکين جو مرڪز آهن. شام وقت پکي انهن ڍنڍن تي لھن ٿا. 15 کان 20 فوٽن تائين هيٺ پاڻيءَ ۾ ٽٻي هڻي پنھنجي شڪار کي حاصل ڪن ٿا. شڪرو، سِرَڻ، باز، هنج، نيرڳي، مرغابي، پاڀانسره، ٽيٽري، گوشو، ڪرلي، عام مينو، بغلو، فافتو، چيڪو بدڪ، ڳاڙهو سر، نيل سر، سيارم، طوق چو، ڳارهو، هوگوشو، ڪارو لق لق، آڙي جل، نيل جل، لال سائين، هندستاني جل وغيرہ ۽ ٻيا پرديسي پکي مشھور آهن. هي پکي حسن جي علامت آهن، پر اسان جي لاڙ واري علائقي ۾ عرب شڪارين جي ڪري سندن آمد تي وڏو خراب اثر پيو آهي.
سنڌ جي ڍنڍن ۾ هيٺيان ديسي ۽ مسافر پکي ڏسبا آهن:
(الف) مڇي کائيندڙ بدڪ جا قسم: نيرڳي، ڊگوش (ڊگوش ٻن قسمن جا ٿين: ڊگوش ۽ ميري جيڪا ڊگوش جي مادي آهي)، ٿُرهانڊو، ٻُڏڻو، رَتُنبو، ڳَهَڻو، چيکلو (ٻہ قسم: کُوٻائي) ۽ سينڌريو جيڪو ٿورو وڏيرو ٿئي)، ٿاراهو (وڏو پکي نيرڳيءَ جيڏو) ۽ هنجهر.
بدڪ جا ٻيا قسم: آڙي (ڪاري چهنب ٽِڪو)، ڪڻاٺي (جنهن کي کڻاٺي يا کيڻاٺي بہ چون)، ڏاريو(ٻہ قسم: تِلرَ ۽ کَڳو)، ڦُونس، ڪُهنگ، هنجهہ، لاکي ڄاڃي.
ڪناري تي هلندڙ پکي: پاڻي ڪاهو يا هُڪارو، ڊومَ، ٽِيٽو(ٽي قسم)، ٽينڊڻي، پُوراڙو ۽ سٻلِڻ.
مڇي کائيندڙ ٻيا پکي: کَنڀَ (ٻہ قسم: گوڙي کنڀ وڏو ۽ ننڍو)، سانھہ، ڄاهو، ڪُڪڙاٽِ، ڪُڪِي پيڻ (تمام وڏو رڍ جيڏو) ۽ تُورِ.
ڍانڍي حرام پکي: ڪينائو (ٻہ قسم: ڪينائو وڏو ۽ نر ٿئي ٻيو ڪينائي، جيڪو ننڍو پکي ۽ مادي آهي)، ٻگو، ٻگهہ (ٻہ قسم: صاف اڇو ۽ ٻيو ميرو).
منڇر ۾ ديسي پکي ٻارهوئي هوندا آهن، پر انهن جو شڪار ٿَڌي مُند (آڪٽوبر کان مارچ) ۾ ٿيندو آهي. سيپٽمبر جي 15-20 تاريخ کان پرديسي پکي اچي ويندا آهن، جي اڪثر ڪري سائبيريا مان ايندا آهن، جڏهن اُتي جون ڍنڍون ۽ سامونڊي ڪنارا ڄمي برف ٿي پوندا آهن تہ پوءِ اهي پکي سنڌ جي ڍنڍن ڏانهن رخ ڪندا آهن ۽ وري گرمين ۾ واپس هليا ويندا آهن. انهن پرديسي پکين جا قديم زماني ۾ تقريباً ٽي سئو قسم هوندا هئا. هاڻي انهن مان ڪيترا نسل ختم ٿيڻ ڪري اهي ڏسڻ ۾ ڪين ٿا اچن.
شڪاري ۽ مهاڻا پکين کي آڏي ۽ ونجهر ڍٻ ۾ ڦاسائيندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن بندوق سان بہ پکين جو شڪار ڪندا آهن. خاص ڪري امير ماڻهن کي ملاح ٻيڙين ۾ چاڙهي بندوق سان پکين جو شڪار ڪرائيندا آهن.
پکين جي شڪار جا طريقا: انسانن پکين جي شڪار لاءِ جيڪي طريقا ايجاد ڪيا، تن مان آسان طريقو ”کڏڻي جي شڪار“ جو آهي. کُڏڻي ۾ شڪاري لڪي ويهي ٿو. ان کڏڻي کي ٺاهڻ لاءِ وڻن جون ڪجهہ ٽاريون زمين ۾ کوڙي، انهن کي پاڻ ۾ جوڙي ڇڏيندا آهن تہ جيئن کڏڻي ۾ ويٺل ماڻهوءَ کي پکي ڏسي نہ سگهن. انهيءَ طريقي سان شڪار ڪندڙ گهڻو ڪري ٿورن پکين ۾ ڌڪ نہ هڻندا آهن. تمام گهڻا پکي گڏ ٿيندا تہ پوءِ ڌڪ هڻندا. ڪڏهن ڪڏهن هڪ ڌڪ ۾ پندرهن کان بہ وڌيڪ پکي مري پوندا آهن.
پکين کي شڪار ڪرڻ جا ٻيا بہ گهڻا طريقا آهن: جيئن تہ ٺپيءَ جو طريقو، رَڇ جو شڪار، مُهاڙيءَ جو شڪار ۽ کنڌيءَ جو شڪار وغيرہ.
خيرپور جا مير ۽ ٻيا شاهوڪار ماڻهو پکين جو شڪار جدا جدا نمونن سان ڪندا هئا، جيئن تہ هي شڪار ٻيلي، ٽڪر ۽ ٿر جي ڍنڍن، ڍورن، تلائن ۽ پاڻيءَ جي دُٻن تي ٿيندو آهي، ان ڪري صبح يا شام جو بندوقون کڻي اچي پاڻيءَ جا پکي ماريندا آهن. انهن پکين مان نيرڳي، بدڪون، ڪارا، ڪرڙا ۽ سگهوش مشھور آهن. اهي پکي سياري جي موسم ۾ ايندا آهن. انهن موسمي پکين کان سواءِ ٻيا جهنگ جا پکي هيٺين نمونن سان شڪار ڪبا آهن: چاڙهڪو، ٻولي، هُشڪر، چُوڻِ ۽ اُڏارو وغيرہ.
هر علائقي ۾ پکين جي شڪار جا جدا جدا نمونا هوندا آهن، جيئن تہ لاڙ ۾ پکين ڦاسائڻ جا سنڊ آهن: وانجهار، گُهٽَ، ڪَنيري ۽ ڇَتَ.


لفظ پکيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

پکي - مان نڪتل ٻيون شاخون-

باز
باشو
آبي پکي
بانولي
بحري باز
بحري باشو
ٻاٻيهو (پکي)
ٻاٽيڀڙ
ٻار ٺڳو
اسڪلو
بدڪ
ٻٻر روڏو
ٻٻر ڪوري
ٻٽيرو
ٻٽير
ٻرڻو
ٻرڻو (وڏو)
ٻرهاڙو
ٻرهاڙو (پکي)
ٻگهہ
ٻوڙي
ٻوو
ٻئو
ٻوهڙ
ٻوئڙ
ٻوئر
ٻھر
ٻوئري
ٻئڙ
ابابيل
ال ڪانءُ
بروو
ابو شھري
اٺ پکي
اڇي پيٽ وارو چمڙو
بشين
بگڙو
بينسرو
بلبل بربل
بربل
آکيرو
بوهي2
آڙي
ڀاڙو
تلور
تلير وهيو
تنبڻ
توتي چنڊول
ٺوڙهي تور
تور
تور 3
ٺونگو
ترمچي باز
ترنجبين
ٽاڪرو ڪانءُ
ٽاڪرو ٽولارو
ٽاڪلو ٽڪلو
ٽٻڻو
ٽرڪ
ڀورڙو
ڀُورِي
ٽڪلو
ٽڪلو2
ڀَونتِريو
ڀيرَٻَ
تھائو
ٽوٻڻي ڪيناڙي ڪينو
ٽوٻو2
ٽوٻو3
ٽوليارو ڪروانڪ ڦليارو
ٽوهايو
تيل وهيڙو
ٽيٽو ٽيٽيهر
ٽيٽيهر واسڪوٽي گسلنگ گوڙينگ
ٽيٽيهر
ٿارهو
ٿاريلي بلبل
تتر
ٿرهانڊو
تاڙو 2
تاک
پارهيڙي جو شڪار
پاڻيارا پکي1
پٽ تتر ڊگوش
ڄاهو (ٻگهہ)
جِهرڪُ3 (پکي)
چانھہ/ چاري پکي
چِٻَ
چٻرو
چِٽ چَر
چٽوئو
چَرغيلو
چڪچُڪو
چڪور
چَڪُئو
چمڙو3
چنڊول
چيڪلو/ چيکلو
چيهو 2
چيھو ڪارو- ڳاڙهو

پکي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

دهلاري
ٻٻر ڪوري
تاک
درياهي ڪينو درياهي کرو
تاڙو 2
ڀاڙو
چوٽير
سنڌي جهنگلي ملهالو
قاز
ڦوسڙي
پکي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون