محمد صديق پکيئڙو
پکيئڙو، محمد صديق: مشهور ڪانگريسي ۽ قومي ڪارڪن، محمد صديق پکيئڙو، 1910ع ڌاري ٺٽي شهر جي قديم محلي ڇاپائيءَ ۾ ڄائو. مئٽرڪ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ مان ڪرڻ بعد انٽر ممبئيءَ مان ڪيائين ۽ گريجوئيشن ڪرڻ لاءِ علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ ويو، پر تعليم مڪمل نه ڪري سگهيو. اڳتي هلي زرعي ڪاليج سڪرنڊ مان زراعت جو ڪورس پاس ڪيائين ۽ سڄي ڄمار ٺٽي ۾ گذاريائين. ڪجهه وقت زراعت کاتي ۾ زرعي ايجنٽ ٿي رهيو ۽ زميندارن کي پوکيءَ لاءِ ٻج ڏيندو هو. اڳتي هلي اهو پيشو به ڇڏي ڏنائين، ڇو ته زرعي کاتي ڏانهن سندس پنجاهه هزار روپيا رهجي ويا، جيڪي کيس آخر تائين نه مليا. سندس گذر سفر جو ذريعو زرعي زمين رهي. ڪجهه وقت جامع مسجد ٺٽي جي ڀر ۾ اٽي جي هڪ ننڍي مشين هلائي گذر سفر ڪندو هو، پر (شهيد) ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ جڏهن جامع مسجد جي وسعت جو پلان تيار ڪيو ويو ته سرڪار محمد صديق پکيئڙي جي زمين، مسجد کي ڏئي ڇڏي، جنهن جي معاوضي لاءِ هڪ عرصي تائين آفيسرن جي درن جا چڪر ڪاٽيندو رهيو، پر عوامي دور ۾ به سندس ڪو داد فرياد نه ٿيو.
محمد صديق پکيئڙي کي سياست جو واءُ، ممبئيءَ ۾ پڙهڻ واري عرصي دوران لڳو، ان ننڍي وهيءَ ۾ ڪانگريس ۾ شموليت اختيار ڪيائين ۽ زندگيءَ جي پڄاڻيءَ تائين سچو ڪانگريسي رهيو. ڪاليج جي زماني کان وٺي کاڌيءَ جا ڪپڙا پاتائين ته مرڻ گهڙيءَ تائين پائيندو رهيو. برصغير جي ورهاڱي کان ئي ڪانگريس ۾ سرگرم رهيو ۽ سنڌ ۾ مختلف شهرن ۾ ڪانگريس جي ٿيندڙ پروگرامن ۾ حصو وٺندو رهيو. ورهاڱي کان پوءِ ماڻهن نظريا ۽ اصول بدلائي ڇڏيا، پر محمد صديق پکيئڙو پنهنجي نظرئي ۽ سوچ تي اٽل رهيو. 1956ع تائين اها اميد رکيون آيو ته ٻئي ملڪ سيڪيولر پاليسي اختيار ڪندا ۽ لڏپلاڻ جو شڪار ماڻهو پنهنجي پنهنجي ديس ورندا، پر جڏهن ڏٺو ته 1954ع کان وٺي 1956ع تائين هندستان مان وڌيڪ مهاجر ايندا رهيا ۽ سنڌ کي مورڳو ون يونٽ جي پنجوڙ ۾ سوگهو ڪري ان جي وجود ۽ ٻوليءَ جي تشخص کي ختم ڪيو ويو آهي ۽ سنڌ جون زمينون غير حاضر فوجين ۽ انگريزن جي وفادار رٽائرڊ عملدارن کي ڏنيون پيون وڃن ته هن جا خواب چڪنا چور ٿي ويا. هو ون يونٽ ٺاهيندڙ ۽ ان جي حمايت ڪندڙ زميندارن کي سنڌ دشمن سمجهندو هو ۽ ان ڏس ۾ ڪنهن سان به رعايت ڪرڻ لاءِ تيار نه هو. هو مصلحت پسندي، خوشامد ۽ منافقت کي پسند نه ڪندو هو.
محمد صديق پکيئڙي جو سائين جي. ايم. سيد سان گهاٽو تعلق رهيو، جيڪو زندگيءَ جي آخري دم تائين قائم رهيو. هر عيد وڃي سيد سان گڏ سن ۾ ڪندو هو. سائينءَ جي محبت ۽ صحبت سبب 1980ع جي ڏهاڪي تائين اڪثر قومي جلسن ۾ شريڪ ٿيندو هو. جي. ايم. سيد سان واسطيدار هر ڪارڪن کي پنهنجو سمجهندو هو. جيئي سنڌ تحريڪ کي ڪافي ويجهو رهيو، جيتوڻيڪ هو ڪانگريس کان سواءِ ٻيءَ ڪنهن پارٽيءَ کي تسليم نه ڪندو هو، پر جي. ايم. سيد جي ڪري قومي ڪارڪنن ۽ قومي هلچل تي تنقيد نه ڪندو هو. جي. ايم. سيد کي پاڪستان ۽ سنڌ جي سمورن سياستدانن جي مقابلي ۾ احترام جي نظر سان ڏسندو هو.
ضياءُ الحق جي دور ۾ ڇاپائي محلي ٺٽي ۾ پنهنجي گهر جي سامهون ٻن پراڻين قبرن جي ٺهيل دِڪي تي شام جو ريڊيو کڻي اچي ويهندو هو. آل انڊيا ريڊيو، بي. بي. سي ۽ ٻين ريڊيو اسٽيشنن تان خبرون ٻڌندو هو، شهر جا نوجوان ۽ بزرگ وٽس اچي گڏ ٿيندا هئا، ملڪي ۽ عالمي سياست تي بيباڪ تبصرا ڪندو هو ۽ ڪنهن کان به نه ڊڄندو هو. اهو قبرن جو دِڪو ڄڻ ته سياسي ۽ سماجي تعليم جو درسگاهه محسوس ٿيندو هو.
محمد صديق پکيئڙو مطالعي جو وڏو شوقين هو. ممبئيءَ جي تعليم واري زماني کان وٺي 1975ع تائين خوب اڀياس ڪندو هو، پر پوءِ ڪتاب پڙهڻ گهٽائي ڇڏيائين. فارسي ۽ انگريزي به ڄاڻندو هو. سندس ڪچهري علم جي کاڻ هئي. هو جواهر لعل نهرو، مولانا ابوالڪلام آزاد ۽ جي. ايم. سيد کان وڌيڪ متاثر هو، ڪچهريءَ ۾ سندن حوالا ڏيندو هو، سندس سوچ ۽ گفتگو جو انداز منفرد هو. هن سچي ۽ کري انسان، دل جي تڪليف سبب 3 نومبر 1987ع تي وفات ڪئي، کيس مڪلي ٽڪريءَ تي قديم آثارن جي کاتي جي آفيس جي ڀر ۾ دفنايو ويو