
پکين جي پارليامينٽ
پکين جي پارليامينٽ (ڪتاب): هيءُ ڪتاب فارسي زبان جي ليکڪ فريدالدين عطار جي لکيل مثنوي ”منطق الطير“ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو آهي، جيڪو پروفيسر غلام حسين جلباڻيءَ ترجمو ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ ليکڪ تمثيلي طور پکين ۾ انساني زندگيءَ جي عام واقعن کي بيان ڪيو آهي. شيخ فريدالدين عطار کي شھرت بخشيندڙ هن ڪتاب جا دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجما ٿيا آهن. جن ۾ اردو زبان ۾ هيءُ ڪتاب ’تفسير شرح منطق الطير‘ جي عنوان سان احمد حسن سواتيءَ ۽ ’لسان الطير شرح منطق الطير‘ جي عنوان هيٺ آغا محمد اشرف دهلويءَ ترجمو ڪيو آهي. سنڌيءَ ۾ ترجمو 1959ع ڌاري سنڌي ادبي بورڊ پاران 3 ڀيرا 1962ع، 1968ع، 1979ع ۾ شايع ڪرايو ويو ۽ ان جو هيءُ چوٿون ڇاپو روشني پبليڪيشن ڪنڊياري پاران 2007ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو ويو آهي. ڊيمي سائيز جي پڪي جلد ۾ ڇپيل هن ڪتاب جي قيمت 100 روپيا ڄاڻايل آهي ۽ ڪل 160 صفحن تي مشتمل آهي. ترجمي نگار ”منطق الطير“ ۾ موجود شروعاتي 600 مدحيه بيت ڇڏي قصي جو ترجمو ڪيو آهي، جنهن ۾ ترجمي جي عبارت، معنيٰ ۽ مفهوم کي وڻندڙ پيرايي ۾ پيش ڪرڻ ۽ فقط نقلي ترجمي تي ڀاڙي بيهڻ بجاءِ دلڪش انداز سان ويهي ڄڻ تہ اصل ڪتاب جو اختصار لکيو آهي. هن ڪتاب جا ٻہ اکر مترجم جي فرزند پروفيسر عطاءُ ﷲ خان جلباڻي لکيا، جڏهن تہ ديباچو غلام حسين جلباڻي جو لکيل آهي. ڪتاب جي مُنڍ وارن صفحن ۾ ڪتاب جي ليکڪ فريدالدين عطار جي سوانح پڻ ڏنل آهي. ڪتاب ۾ ڪل 64 ليک آهن. جن ۾ پکين وچ ۾ گفتگو، فنا ۽ بقا جي فلسفي تي ۽ ڪتاب متعلق موضوعن تي لکيل ليک شامل آهن. ائين چوڻ ۾ ڪو بہ وڌاءُ نہ ٿيندو تہ هن ڪتاب ۾ توڻي جو ننڍيون ڪهاڻيون، ڳالهيون درج ٿيل آهن، پر حقيقت ۾ اهي عقل ۽ ڏاهپ جو ڀنڊار آهن.