پکين راند

پکين راند: هيءُ ٻارن جي هڪ راند آهي. هيءَ راند اڪثر سانجهيءَ جي نماز کان وٺي آڌيءَ رات تائين کيڏي ويندي آهي. هن راند ۾ سمجهہ ڀريا ٻار حصو وٺي سگهندا آهن. هيءَ راند رچائڻ لاءِ ٻہ ٽوليون ٺاهيون وينديون آهن. انهن ٽولين جي جوڙ جڪ ٻين ديسي راندين وانگر ”ننڍ وڏ“ جي چونڊ ذريعي ڪئي ويندي آهي. ان بعد آڳ ڏيندڙ ۽ آڳ وٺندڙ ٽوليءَ جو فيصلو ڪرڻ ۾ ايندو آهي. اهو فيصلو نهايت مزيدار نموني ۾ ڪيو ويندو آهي. ٻہ وڏا رانديگر جن جو انهن ٽولين سان واسطو نہ هوندو آهي، اهي ڪو پکي ذهن ۾ رکي، ان جي قد، کنڀن، اکين، مٿي، چهنب وغيرہ جو مقدار ٻڌائي پوءِ اها ڳالھہ ٻنهي ٽولين جي وچ تي ڇڏيندا آهن. هر هڪ ٽوليءَ جو هڪ هڪ رانديگر واري سان پکيءَ جو نالو وٺندو ويندو آهي. جنهن ٽوليءَ جي همراھہ پکيءَ جو نالو صحيح ورتو، اهائي آڳ وٺندڙ ٽولي هوندي. پکيءَ جي نالي وٺڻ سان اهي همراھہ ميدان مان نڪري وڃي جدا جدا جاين تي لڪندا آهن. هوڏانهن ٻي ٽولي کين ڳولڻ لاءِ سرگرم هوندي آهي، پر کين اهڙي اجازت تڏهن ملندي، جڏهن اشاري سان پڇيل وڻ ذهن ۾ رکي، انهيءَ طرف هٿ کڻي چوندو تہ ” اِستا بندي ڪين ڀلائيندي هن منهن تي.“ ان بعد انتظار ۾ ويٺل آڳ ڏيندڙ ٽوليءَ جا همراھہ انهيءَ رخ تي بيٺل مشھور وڻن جا واري تي نالا وٺڻ شروع ڪندا. آخر جڏهن ڪو انهيءَ وڻ جو نالو وٺي ويو تہ کين اجازت ملندي تہ ڀلي وڃي لڪل ڌر کي ڳوليو. بس همراھہ هنن کي ڳولڻ لاءِ پڙ ڇڏي پري ويندا ۽ هو لڪل هنڌان آهستي آهستي نڪري هڪ هڪ ٿي چپ چاپ ۾ اچي پڙ ۾ پهچندا. جيڪڏهن سندن ڪوبه همراھہ نہ کاتو تہ راند کٽيائون، پر جي کاپي پيو تہ راند هارايائون ۽ وري ساڳيءَ طرح ٻي راند شروع ڪندا. هن راند ۾ رانديگرن کي پکين جي واقفيت سان گڏ انهيءَ علائقي جي آسپاس اندر بيٺل سڀني مکيہ وڻن جي واقفيت وڏو فائدو پهچائيندي آهي ۽ منجهن سوچڻ ۽ تحقيق جو گڻ پيدا ٿيندو آهي. هيءَ راند ٻارن ۾ خود ضابطگيءَ، بهادريءَ ۽ ڀوڳ مزاح جو گڻ بہ پيدا ڪري ٿي، ڇو تہ ڳولڻ وقت رانديگر اهڙا اهڙا آواز ۽ ڀوڳ چرچا زور سان ڪندا ويندا آهن، جو ماڻهوءَ کي ٻڌي ضرور کل اچي. انهيءَ ۾ مقصد ئي اهو هوندو آهي تہ لڪل ٻار، جيڪي ڀر پاسي ۾ ڪنهن دڙي وٽ، ڪسيءَ ۾، ٿڏي جي پٺيان لڪل هوندا آهن، سي کلن تہ کين آسانيءَ سان کاپائي سگهجي. مگر هوڏانهن لڪڻ وارا ٻار بہ پاڻ تي ضابطي جو مڪمل مظاهرو ڪري ڏيکاريندا آهن ۽ جيتوڻيڪ اهي ڀوڳ چرچا ٻڌندا آهن تہ بہ چپ رهندا آهن. هيءَ راند ڏاڍي دلچسپ هوندي آهي ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ هلندي رهندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو