پکي وارو بزرگ

پکي وارو بزرگ: هن بزرگ جي مزار جهڏي کان ٽنڊي جان محمد طرف صرف ٻن ميلن جي پنڌ تي رستي سان لڳولڳ آهي، جنهن کي ”پکي وارو بزرگ“ سڏيو وڃي ٿو. ڪي ان کي مصري شاھہ جي نالي سڏين ٿا. پر اها قبر ’گنگلي بچڻ‘ جي آهي. جنهن جا معتقد عام طور مينگهواڙ قبيلي جا ماڻهو آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو