پڪار (فلم): مشھور سنڌي فلم پڪار، 18 مارچ 1989ع تي رليز ٿي. هن فلم جو پروڊيوسر ۽ هدايتڪار مشتاق چنگيزي، موسيقار فيروز گل هو. فلم ۾ سهڻي، دلبر مهر، آفتاب شيخ، نجمه ڪاوش، اصغر جاني، ايم. ايم. بلوچ ۽ ايس ڀٽي اداڪاري ڪئي، هيءَ فلم نيو ميجسٽڪ سئنيما حيدرآباد، رائل سئنيما لاڙڪاڻي، ڪلاڪ محل سئنيما موري، شاهين سئنيما شهدادپور، سرتاج سئنيما سانگهڙ، محفل سئنيما هالا، دلشاد سئنيما نوابشاھہ، امداد سئنيما نيو سعيد آباد، قائم سئنيما ميرپورخاص، شاھہ ٽاڪيز سئنيما ٽنڊو آدم، ريڪس سئنيما بدين، ماروي سئنيما ڪوٽڙي، محفل سئنيما شاهپور چاڪر ۾ پردي تي ڏيکاري وئي. هيءَ فلم مشھور سنڌي فلمن مان هڪ آهي. فلم تاج فلمز حيدرآباد پاران جاري ٿي.