پڪوڙا

پڪوڙا: بيسڻ مان ٺهيل ۽ تيل ۾ تريل هڪ قسم جو کاڌو، جنهن جا عام قسم آهن: سنها پڪوڙا، مرچائي پڪوڙا ۽ پٽاٽي وارا پڪوڙا، انبڙين وارا پڪوڙا، ان کان سواءِ ڪي ماڻهو پنھنجي پسند تي خاص آرڊر ڏئي پڪوڙا ٺهرائيندا آهن، جن ۾ بِهن وارا پڪوڙا، واڱڻن وارا پڪوڙا، آچار وارا پڪوڙا يا پالڪ وارا پڪوڙا وغيرہ شامل آهن. اڄ ڪلھہ ڪُڪڙ جي گوشت جا ٽڪرا ڪري بيسڻ ۾ ٻوڙي انهن جا بہ پڪوڙا ٺاهيا ويندا آهن. ان کان سواءِ مڇيءَ جا پڪوڙا بہ ٺهـنـدا آهـن. پـڪـوڙا ڳنڌڻ طور مانيءَ يا ڀت سان کائبا آهن. سنڌ ۾ خاص ڪري حيدرآباد ۽ ٻين وڏن شهرن ۾ ماڻهو ’چھر‘ طور رات جو پڪوڙا ننڍڙين ڊبل روٽين سان کائيندا آهن. سنڌ ۾ ڪجهہ شهرن جا پڪوڙا خاص طرح مشھور آهن، جن ۾ ڀان سعيد آباد، پنوعاقل، ٽنڊو محمد خان وغيرہ شامل آهن، حيدرآباد ۾ ورهاڱي کان ڪشُو پڪوڙائي مشھور هو، هينئر اتي ڪلو پڪوڙي وارو مشھور آهي، جڏهن تہ قاسم آباد، حيدرآباد ۾ هڪ چؤڪ جو نالو بہ پڪوڙا چوڪ آهي. جنهن کي هينئر شھيد بينظير چوڪ بہ سڏيو وڃي ٿو.


لفظ پڪوڙاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو