پڪو تلاءُ: انگريزن جيڪب آباد شھر کي پاڻي مهيا ڪرڻ جي سهولت خاطر 1853ع ۾ هي تلاءُ ٺهرايو ۽ ان سان گڏ چار کوھہ بہ ٺهرايا هئا. تلاءَ جي ڪنارن تي گدامڙي، نم ۽ بڙ جا وڻ بہ لڳايا ويا هئا. کوهن کي ٻڌو واھہ وسيلي پاڻيءَ سان ڀريو ويندو هو. تلاءَ جي چوڌاري حفاظتي ڀت نہ هئڻ ۽ تمام اونهو هئڻ ڪري، هر سال ڪو نہ ڪو ماڻهو هن ۾ ٻڏي مرندو هو. ان ڪري تلاءَ جو نالو عام ماڻهن جي زبان تي ”خوني تلاءُ“ پئجي ويو. ان کان سواءِ شھر کي وڌيڪ پاڻي مهيا ڪرڻ واسطي هڪ ٽانڪي بہ ٺاهي وئي. جنهن کي ”نور واھہ“ مان پائيپن وسيلي پاڻيءَ سان ڀريو ويندو هو. وقت سان گڏ هي تلاءُ گندو ٿي ويو ۽ ان کي گند ڪچري سان ڀريو ويو .ان جاءِ تي هن وقت سبزي منڊي ۽ مانجهي پور جو بس اسٽاپ قائم آهي. هن نالي سان سکر شھر ۾ هڪ علائقو بہ آهي.