پڻيو

پَڻِيو: هيءُ ڪپڙي جو هڪ قسم آهي، جيڪو اوچي قسم جي ڪپھہ مان ٺهندو آهي. مقامي سطح تي هن ڪپڙي کي ”هرک“ بہ چوندا آهن. پڻيي جي شروعات هندستان جي سامونڊي ڪناري واري علائقي ’ڪالي ڪٽ‘ کان ٿي، جنهن کانپوءِ هن ڪپڙي ٺاهڻ جو هنر ٻين ملڪن بہ سکي ورتو. جپان جو پڻيو ”ويهو- راڻي“ مارڪي وارو، ڪنهن دور ۾ مشھور هو. هلڪي قسم جي گاڏڙ ڪپھہ مان وري ”سپاهي مارڪه بافتو“ ٺهندو هو، جيڪو ڌوپڻ کان پوءِ پائڻ ۾ سٺو ٿي بيهندو هو. اڇي ڪپڙي پائڻ وارا سنڌ جا ماڻهو گهڻو تڻو ”هرک“ کي پسند ڪندا هئا. هن وقت بہ جپان جو ۽ ڪن پاڪستاني مِلن جو ”چيئرمين“ ’هرک‘ (پڻيو) بھترين ڪپڙو شمار ٿئي ٿو. سنڌ جي ڪارخانن جو ٺهيل پڻيو، آفريڪا جي ملڪن ۾ نهايت مقبول رهيو آهي.


لفظ پڻيوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو