پڻي لوڪ

پڻي لوڪ: رگ ويد ۾ هڪ انساني گروھه، قبيلي قوم جو احوال ملي ٿو، جنهن جو تعلق سنڌ سان هو، ان کي ”پڻي لوڪ“ سڏيو ويندو هو.
رحيمداد خان مولائي شيدائيءَ ”تاريخ تمدن سنڌ“ ۾ لکيو آهي ته: ”آريا سنڌ جي دراوڙن مان پَڻي قبيلي کي گھڻو ڌڪاريندا هئا. يونانين هن قوم تي پرنيمي نالو رکيو. آرين جو چوڻ هو ته پڻي قوم آرين لاءِ ڪڪرن جو پاڻي روڪيو هو، ۽ سواءِ جنگ ڪرڻ جي دَسيا پنهنجي دولت سندن حوالي نٿا ڪن.“ اُهي ماڻهو سنڌونديءَ جي ڏاکڻين خطي ۾ رهندا هئا. اهي اصل ۾ ناکئا ۽ وڻجارا هئا، جن کي رگ ويد ۾ ”پَڻي لوڪ“ سڏيو ويو آهي. رگ ويد ۾ ذڪر آهي ته، پڻي شاهوڪار ماڻهو هئا. چوپايو مال، خاص ڪري ڳئون، پاليندا هئا. گھوڙن جا شوقين هئا. وڏا واپاري ۽ وڻجارا هئا. کاري کيڙائو هئا. پاڻيءَ ۽ پهاڙن تي راڄ ڪندا هئا. ’والا‘ سندن سيناپتي (سپهه سالار) هو. ’ڏسوئي‘ سندن ’مهارشي‘ هو ۽ ’بربو‘ سندن مُکي هو. پڻي ماڻهو ’اِندر‘ ديوتا (باهه) جا پوڄاري نه هئا ۽ ’اِندر‘ ديوتا جي نالي ۾ ڪنهن به قسم جون ڀيٽائون ۽ ٻَليون نه ڏيندا هئا. نتيجي طور ’اِندر‘ ديوتا جي رِشين ۽ پنڊتن، پڻين کي ڪنجوس، بخيل، وياج خور، چوپائي مال جو چور ۽ ڦورو سڏيو آهي. پڻي لوڪن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهي اصل ۾ سنڌ جا رهاڪو هئا. اڳئين زماني ۾ اهي وڻجارا هئا، جن جو واپار سڄيِ دنيا سان هلندو هو. اڳتي هلي اهي ايترا ته طاقتور ٿي ويا، جو سندن ٻولي دنيا جي ڪيترن ڀاڱن ۾ ڳالهائي ويندي هئي. اهي پڻي لوڪ اڄ جي سنڌ ورڪي هندن جي سلسلي جي پهرين ڪڙي چئي سگهجن ٿا.


لفظ پڻي لوڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو