ٿار

ٿار: پيٺل اٽي گڏ ڪرڻ جو ٺڪر جو وڏو ٿالھہ، جيڪو ٻن کان ٽن فوٽن جي قطر جو ٿئي. جنهن جا ڪنارا اڌ فوٽ گولائيءَ تي اڀا هجن. ٿار جي وچ تي جنڊ رکيل هوندو آهي. ٻُڪي وجهڻ کان پوءِ جنڊ گهمائبو تہ پيٺل اٽو انهيءَ ٿانو ۾ گڏ ٿيندو، جنهن کي ”ٿار“ چوندا آهن.
’ٿال‘ يا ’ٿالھہ‘، ’ر‘ جي ’ل‘ ۾ تبديل ٿيل صورت چئي سگهجي ٿي.
ڪمند کي چيچڙي ۾ پيڙڻ کان پوءِ ان جي رس کي جنهن ڪڻاهيءَ ۾ گڏ ڪبو آهي، ان کي بہ ”ٿاري“ چوندا آهن .


لفظ ٿارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو