ٿارهو / ٻھڙ: ٿارهي پکيءَ جي ماديءَ کي ٻھڙ چون ۽ نر کي ٿارهو. هي پکي ڪوھہ قاف جبلن کان سياري جي مند ۾ سنڌ ۾ ايندو آهي. هن جي ڳچي ڳاڙهي ۽ پيٽ ميرانجهڙو ٿيندو آهي. ٻھڙ جو مٿو ڪارسرو ميرو هوندو آهي ۽ کنڀن جو مٿيون حصو رنگين ٿيندو آهي .