ٿار 2

ٿار/ٿالھہ گهمائڻ جي رسم: شاديءَ جي هڪ رسم، سنڌ ۾ شادين دوران ڪيتريون ئي رسمون ادا ڪيون وينديون آهن. ٿار گهمائڻ بہ انهن مان هڪ آهي، جڏهن گهوٽ ڄڃ وٺي ڪنوار جي گهر ايندو آهي ۽ لانئون لھي ڪنوار کي وٺي ويندو آهي، ان دوران هيءَ رسم ٿيندي آهي. ڪنواريتيون عورتون هڪڙي ٿالھہ ۾ ڪڻڪ جو اٽو ڳوهي، ٿڦي، ان جي چوڌاري ننڍا ڪانا کوڙي وچ ۾ ڪڻڪ جي اٽي جا ست ڏيئا جوڙي، انهن ۾ ڳائو گيھہ ۽ ماکي وجهي روشن ڪنديون آهن. ڪانن مٿان ڳاڙهو ڪپڙو وجهي، سڄي راڄ جون آيل مايون ان جي چوڌاري ڦرنديون ۽ ڳائينديون آهن. اهو ٿالھہ ڪوٺاري (اَهنير) کڻندو آهي، پوءِ ان سان مذاق مسخريون ڪنديون، اهو ٿالھہ ڪنهن واھہ، واٽر يا تلاءَ ۾ اڇلينديون آهن. هن رسم بابت ڪيترائي ڳيچ بہ موجود آهن جيڪي هو چونديون آهن. اها ٿار/ٿالھہ گهمائڻ جي رسم اڄ بہ ڪٿي ڪٿي ٻهراڙين ۾ رائج آهي. هن رسم جو ڳيچ، جڏهن ڪوٺاري ٿالھہ کڻندو، تہ عورتون هن ريت ڳائينديون آهن:
ڪوٺاري ڪوٺاري، ڊول بڊلو،
ڪوٺاري چيلھہ ۾ کوڙيو ڪِلو


هن صفحي کي شيئر ڪريو