ٿالهه
ٿالُهه: هڪ قسم جو ٿانءُ، جيڪو عام طرح ٽامي، جست يا پتل جو ٺهيل هوندو آهي ۽ اٽي ڳوهڻ، رڌ پچاءَ يا کاڌي کائڻ ۾ استعمال ٿيندو آهي. ٿالهه لوهه ۽ ڪنجهي جو به ٿيندو آهي، جيڪو وري ڪپڙن ڌوئڻ يا ٻئي ڪنهن ڪم ۾ استعمال ٿيندو آهي. جڏهن ته اهڙي ننڍي ٿانءَ کي ٿالهي چئبو آهي. ٿالهي تراکڙي ۽ ويڪري ٿيندي آهي. عام طرح ماني، ٻوڙ، ڀَت ۽ ڀاڄيءَ وغيره کائڻ لاءِ ڪم ۾ ايندي آهي .