ٿامس جيفرسن

ٿامس جيفرسن (1743-1826ع): آمريڪا جو اڳوڻو صدر ٿامس جيفرسن ڪيترين ئي صلاحيتن جو مالڪ هو. نئين عوامي راڄ جي مکيہ مدبر هئڻ سان گڏوگڏ، هو هڪ مڃيل اديب، معمار، مؤجد ۽ نباتات جو ماهر بہ هو. هيڏن سارن ميدانن ۾ پاڻ ملهائڻ مان ئي سندس عقل جي اڪابريءَ جو اندازو ڪري سگهجي ٿو.
جيفرسن اولهندي ورجينيا جي هڪ ڪڙميءَ جو پٽ هو. نوجوانيءَ ۾ هن کي سائنس پڙهڻ جو شوق هوندو هو، پر جيئن تہ ان زماني ۾ سائنس جي ميدان ۾ ڪي ٿورڙا ئي پيشا اختيار ڪري سگهبا هئا، تنهنڪري هن قانون پڙهڻ کي ترجيح ڏني.
جيفرسن 1775ع واري ٻي ڪانٽينينٽل ڪانگريس ۾ شريڪ ٿيندڙ ورجينيا جي عيوضين مان هڪ هو. هڪ سال کان پوءِ جڏهن انگريزن سان ٺاھہ جون ڳالهيون ناڪام ٿيون، تڏهن ڪانگريس، جيفرسن سميت ڪجهہ ماڻهن تي مشتمل هڪ ڪاميٽي ٺاهي، جنهن تي ”آزاديءَ جي پڌرنامي“ جوڙڻ جو ڪم رکيو ويو. جيفرسن پڌرنامي جو پهريون مسودو لکيو. انهيءَ مسودي جوڙڻ ۾ جيتوڻيڪ ٻين عيوضين بہ ساڻس هٿ ونڊايو، پر آخري دستاويز جيفرسن ئي ٺاهيو هو. انهيءَ دستاويز جو بنيادي ٺهراءُ هو تہ:”ماڻهن مٿان حڪومت انهيءَ ڪري قائم ڪئي ويندي آهي تہ جيئن اها سندن ”جياپي، آزاديءَ ۽ خوشي ماڻڻ“ وارن نہ کسڻ جوڳن حقن جي حفاظت ڪري سگهي ۽ جڏهن بہ ڪا حڪومت انهن مقصدن تي پاڻي ڦيرڻ تي سندرو ٻڌي بيهي تہ ماڻهن کي اهڙي حڪومت بدلائڻ يا ختم ڪرڻ جو حق ٿو پهچي.“
جيتوڻيڪ ان ٺهراءَ جيفرسن پاران ٺاهيل ڪنهن متي تي مدار نہ ٿي رکيو ۽ اهو روشن خياليءَ جو اڳواٽ ئي مڃيل هڪ متو هو، پر جنهن وضاحت سان هن انهيءَ متي جو پرچار ڪيو، تنهن نہ صرف سندس آمريڪي همعصرن، پر ٻين ملڪن جي انقلابين ۾ بہ آزاديءَ جو جذبو جاڳايو.
جيفرسن ورجينيا موٽي آيو تہ قانون ساز مجلس جو ميمبر چونڊجي ويو. هن سخت مخالفت جي باوجود اُتان جي قانون کي نرم ڪرڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي. هن مفت تعليم ۽ روشن خياليءَ تي ٻڌل فوجداري ضابطو ٺاهڻ ۽ آهستي آهستي غلامن کي آزاد ڪرڻ واريون جيڪي رٿون پيش ڪيون، سي سڀ رد ڪيون ويون، پر سندس پيش ڪيل اهو بل منظور ٿي قانون بڻجي ويو؛ جنهن ۾ ڏيساور مان غلام آڻڻ تي بندش وجهڻ جي تجويز ڏنل هئي. ڏهن سالن جي سخت جدوجھد کانپوءِ هو مذهبي آزاديءَ جو قانون پاس ڪرائڻ ۾ بہ ڪامياب ٿي ويو، جنهن مطابق چرچ ۽ رياست کي هڪٻئي کان جدا ڪيو ويو.
جيفرسن کي 1779ع ۾ ورجينيا جو گورنر چونڊيو ويو. هن جي عهدي واري مدي ۾ برطانوي فوج جي ڪاھہ سببان رخنو پئجي ويو. هو 1781ع ۾ رٽائرڊ ٿي، پنھنجي جاگير مونٽيسيليو ۾ وڃي رهيو.
1789ع ۾ فرانس ۾ انقلاب آيو، جنهنڪري جيفرسن پنھنجي ملڪ موٽي آيو ۽ صدر واشنگٽن طرفان پرڏيهي وزير ٿيڻ جي آڇ قبول ڪيائين. جلد ئي خزاني جي وزير هيملٽن سان سندس اختلاف ٿي پيا. هيملٽن جي پارٽي اهڙي وفاق ۽ مضبوط مرڪزي حڪومت جي حامي هئي، جنهن تي مالدار ماڻهو حاوي هجن ۽ جيڪي برطانيہ سان ويجهڙائيءَ وارا ناتا رکي سگهن. جيفرسن ان جي ابتڙ مرڪزيت جو مخالف ۽ طاقت کي ننڍين اڪاين ۾ ورهائڻ جو حامي هو ۽ عوامي راڄ جي پيداواري قوتن، خاص ڪري هارين ڏانهن وڌيڪ لاڙو رکندو هو. تنهن کان سواءِ هو انگريزن تي اعتبار ڪرڻ لاءِ بلڪل تيار نہ هو. جيفرسن جي پارٽي جيڪا ان زماني ۾ ريپبلڪن پارٽي سڏبي هئي، سا هاڻي ڊيموڪريٽڪ پارٽي سڏجي ٿي.
جيفرسن 1793ع ۾ ڪابينا مان استعفا ڏئي ڇڏي. بعد ۾ هو، جان ائڊم جي هٿ هيٺ نائب صدر ٿي رهيو ۽ 1800ع ۾ پاڻ صدر چونڊجي ويو. هن صدر ٿيڻ شرط حڪومتي خرچ گهٽائڻ جي شروعات ڪئي. فوجي خرچ توڙي محصول ٻئي تيزيءَ سان گهٽايا ويا، پر عجب جهڙي ڳالھہ اها آهي تہ هن خرچ گهٽائڻ واري پنھنجي مھم ۽ مرڪزيت خلاف پنھنجي اڳئين احتجاج جي ابتڙ لُوزيانا جو وسيع علائقو خريد ڪري ورتو. اهو وسيع علائقو، نيپولين 1800ع ۾ اسپين کان حاصل ڪيو هو، توڙي جو ٿوري وقت لاءِ اسپين جي هٿن ۾ رهيو هو. اها خريداري سندس صدارت واري مدي جو مکيہ واقعو آهي. جيفرسن جي صدارت واري ٻئي مدي ۾ فرانس يا برطانيہ مان ڪنهن هڪ سان جنگ جا امڪان وڌڻ لڳا. انهن طاقتن مان هر هڪ جي ڪوشش هئي تہ پنھنجي مخالف جي واپار کي ڪاپاري ڌڪ هڻجي. ٻنهي ملڪن اهڙا قانون ٺاهيا هئا، جن ۾ غيرجانبدار ملڪن کي مخالف ملڪن سان واپار ڪرڻ جي منع ٿيل هئي. انهن قانونن جي ڪري آمريڪي جهازراني ڏچي ۾ پئجي وئي هئي. جيفرسن جنگ ٽارڻ جو پڪو پھہ ڪندي ڪانگريس کان ايمبارگو ائڪٽ (بندش جو قانون) منظور ڪرايو، جنهن مطابق آمريڪي ماڻهن مٿان سمنڊ پار واپار ڪرڻ تي بندش پئجي ويئي. جيفرسن جيتوڻيڪ انهيءَ قانون وسيلي يورپي طاقتن تي اقتصادي دٻاءُ وجهڻ پئي چاهيو، پر ان جو نتيجو ابتڙ نڪتو ۽ آمريڪين کي سخت مشڪلاتن مان لنگهڻو پيو، جنهنڪري نيو انگلينڊ جون ڪيتريون ئي رياستون جدا ٿيڻ لاءِ تيار ٿي ويون. جيفرسن جي عهدي ڇڏڻ کان ٿورڙو ئي اڳي اهو قانون رد ڪيو ويو.

مونٽيسيلو موٽڻ کان پوءِ جيفرسن پنھنجي جاگير ۾ پوکيءَ جي ڪم ۾ لڳي ويو ۽ ڪيترا ذهني ڪم ڪرڻ سان گڏ تخليقي ڪم ڪرڻ لڳو. هن جو آخري عوامي ڪارنامو، ورجينيا يونيورسٽي قائم ڪرڻ هو. اها يونيورسٽي جيفرسن جي پنھنجي ذهن جي تخليق هئي. هن نہ صرف ان جي عمارت جو نقشو، پر سندس نصاب بہ پاڻ ٺاهيو هو.
جيفرسن جي سرگرم ۽ لاڀائتي زندگي، 4 جولاءِ 1826ع تي پنھنجي پڄاڻيءَ تي پهتي، جڏهن آزاديءَ جي پڌرنامي تي صحيحن ٿيڻ جي پنجاهين سالگرہ ملهائجي رهي هئي.


لفظ ٿامس جيفرسنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1743.00.00  عيسوي

ٿامس جيفرسن 1743 ڌاري ڄائو.


1826.00.00  عيسوي

ٿامس جيفرسن 1826ڌاري وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

دريا خان نظاماڻي
الرازي
سيٺ ڏونگرسي جوش
ضياء الحق جنرل
عبدالقدير خان ڊاڪٽر
فائزه زهرا مرزا ڊاڪٽر
ضياء الدين احمد برني 2
ڊاسوڙي مخدوم محمد امين
انور الدين جتوئي
عباسي ايس ايم
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون