ٿامس هينري ونس

ٿامس هينري ونس

ٿامس هينري ونس

ٿامس هينري ونس: سنڌ مدرسة الاسلام جو اڳوڻو پرنسپال ، ٿامس هينري انگلنڊ جي آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪرڻ کان پوءِ محمدن ائنگلو اوريئنٽل ڪاليج علي ڳڙھہ ۾ استاد مقرر ٿيو . ان کان پوءِ کيس 1903ع ۾ ” سنڌ مدرسة الاسلام “ ڪراچيءَ جو پرنسپال مقرر ڪيو ويو . مسٽر ٿامس جو شمار سنڌ مدرسي ۾ حسن علي آفنديءَ کان پوءِ ٻئي نمبر تي اهم پرنسپالن ۾ ٿئي ٿو . هن جي دؤر ۾ ئي اڌ کان وڌيڪ اسڪول جي عمارت کي ٺاهيو ويو . مسٽر ٿامس پنھنجي زندگيءَ جا اوڻيھہ سال سنڌ مدرسي جو پرنسپال رهيو . هن سنڌ مدرسي ۾ تعليمي ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪئي . هن سنڌ مدرسي جي اڏاوت لاءِ سنڌ جي پيرن ، ميرن ، وڏيرن ۽ خوشحال ماڻهن کان چندو پڻ گڏ ڪيو . سندس دؤر ۾ تعليم تمام سٺي ڏني ويندي هئي ، جنهنڪري ” سنڌ مدرسي “ جو نالو تمام گهڻو مشھور ٿيو . سندس بھترين شاگردن ۾ ويهين صديءَ جا مشھور عالم ۽ سياستدان علامہ آءِ آءِ قاضي ، سر شاهنواز ڀٽو ۽ علي خان ابڙو شمار ڪيا وڃن ٿا . مدرسي ۾ تعليم سان گڏوگڏ راندين تي بہ گهڻو ڌيان ڏنو ويندو هو . ٿامس هينري جي زندگيءَ بابت گهڻي معلومات نہ ملي آهي ، پر تڏهن بہ چئي سگهجي ٿو تہ هو نهايت هوشيار ، محنتي ۽ تعليم سان پيار ڪندڙ ماڻهو هو . سنڌ مدرسي جي هن عظيم پرنسپال جو انتقال 1922ع ۾ ٿيو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو