ٿانورداس شيوامنڊل ۽ مندر

ٿانورداس شيوامنڊل ۽ مندر: ميهڙ شھر ۾ اٽڪل ٻہ سؤ سال اڳ هڪ بزرگ نالي سنت ٿانورداس هو، جنهن جي نالي پويان ”سنت ٿانورداس شيوا منڊل“ کوليو ويو. پنھنجي دؤر جو هي خوبصورت مندر قديم ڌرمي روايت جو حسين يادگار آهي. هن مندر جي در تي ڪاٺ جي اُڪر/ چٽساليءَ جو خوبصورت ڪم ٿيل آهي، جنهن لاءِ عام طرح اهو چيو وڃي ٿو تہ اُن تي ”تصويري رامائڻ“ درج آهي. هن مندر جي تياريءَ لاءِ، ٻاهران ڪاٺ ۽ ٻيو سامان گهرايو ويو هو، جڏهن تہ ڪاٺ تي چٽساليءَ جو بھترين ڪم پڻ سٺن ڪاريگرن کان ڪرايو ويو هو.
ورهاڱي کان اڳ هن مندر کي اٽڪل ٽي هزار جريب زمين ۽ سوين دڪان وقف ٿيل هئا ۽ ميهڙ شهر، هندو واپارين جو هڪ وڏو اهم مرڪز ليکيو ويندو هو. ميهڙ ۾ رهندڙ هندو، علمي ادبي ۽ سماجي ڪمن ۾ دل کولي خرچ ڪندا هئا. هن مندر ۾ ڌرمي تعليم ۽ تدريس لاءِ خاص بندوبست ٿيل هو، ڌرمي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ، ٻاهرين شهرن جا طالب هن مندر ۾ ايندا هئا. ٻاهران زيارت لاءِ ايندڙ مسافرن جو سمورو خرچ، رهائش ۽ کاڌو پيتو مندر پاران فراهم ڪيو ويندو هو. مندر ۾ ٽي وقت گهنڊ وڄائي لنگر تقسيم ڪيو ويندو هو.
هن وقت هيءُ مندر اوقاف کاتي جي حوالي آهي ۽ ان جي زمين ۽ دڪان”اويڪيو پراپرٽيءَ“ ۾ شامل آهن. جتان مندر کي ماهوار پنج سؤ رپيا ملن ٿا. هن وقت مندر جي نئين سر مرمت ڪئي وئي آهي، هتي هرسال مانگهہ مهيني (فيبروري- مارچ) ۾، سنت ٿانورداس جو ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي. هندو پئنچات ۽ هندو شيوا منڊلي هن تهوار جو بندوبست ڪندا آهن، جنهن ۾ هند ۽ سنڌ جا هندو ياتري اچي حاضري ڀريندا آهن. ورهاڱي کان پوءِ هتان هندو مهراج لڏي ويا، جن ڀارت جي ڪٽلي شھر ۽ جئپور شھر ۾ ”ميهڙ درٻار“ جي نالي سان هن مندر جون شاخون کوليون آهن، جيڪي اڄ بہ اتي موجود آهن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو