ٿانوَر ڀَٽي: قديم دؤر ۾، ٿرپارڪر ضلعي جي بڊام ۽ سامروٽيءَ واريءَ ايراضيءَ تي ٿانور ڀٽيءَ جي راڄڌاني هئي، جيڪو سخاوت ۽ مهمان نوازيءَ کان ، نهايت مشھور هو. اهو علائقو ٿانور ڀٽيءَ جي سخاوت ۽ گنج لٽائڻ جي ڪري ’گنج گوندي‘ سڏجڻ لڳو. گنج گونديءَ جو شهر، پُراڻ درياھہ جي اولھہ طرف، هڪ پراڻي وهڪري جي ڪناري تي هو، جيڪو ماڳ موجودہ جاگرافيءَ موجب ڊگهڙي شھر کان چار- پنج ميل ڏکڻ طرف، تپي ميرمحمد حسن ۾ هو ۽ هن وقت بہ اُن جا آثار موجود آهن. آخر اهو دؤر بہ آيو تہ پاڻيءَ جي اڇ وارو اهو علائقو خشڪ ساليءَ جو شڪار ٿي ويو. هڪ دفعي خشڪ ساليءَ جي ڪري اهڙو تہ اچي ڏڪار پيو، جو سڀئي ماڻهو مجبور ٿي آباد علائقن ڏانهن نڪري ويا. اهڙيءَ صورتحال ۾ ٿانور ۽ سندس زال کي پڻ وطن ڇڏڻو پيو. هو اهڙي علائقي ۾ وڃي پهتا، جتي کين ڪير بہ سڃاڻڻ وارو ڪونه هو. ان علائقي جي رواج موجب ٻاهران آيل زال مڙس کي گڏجي رهڻ جي اجازت نہ هئي، تنهنڪري ٿانور ڀٽي گونگي ڀاءُ جي حيثيت سان، پنهنجيءَ زال سان گڏ رهڻ لڳو. اهڙيءَ طرح اهي نوَ کن مهينا اتي رهيا، پوءِ جڏهن وسڪاري جي مند موٽي آئي تہ واپس پنھنجي ديس ۾ وريا.
ٿانور ڀٽي سال جا اٺ مهينا ’گنج گونديءَ‘ ۾ رهندو هو ۽ وسڪاري جي مند جا چار مهينا هاڪڙي جي ڪناري سان ”بروئيءَ“ جي شھر لڳ وڃي گذاريندو هو، جيڪو شھر اڳتي هلي ’ٿانور ڀٽيءَ‘ جي نالي سان پڻ سڏجڻ لڳو. شاھہ لطيف هڪ بيت ۾ اهو پسمنظر، ڏڪار جي حالت ۽ وسڪاري جي آثارن جو ذڪر هن ريت ڪيو آهي:
ٿانور! اُٿي پس، ڏيھہ کنوندي وڄڙي،
تو پيڪا، مُون ساهرا، کِنوڻ پلايو رَسُ،
وَسُ تنين لئہ وَسُ، جن وَر مٽي ڀارَڪئا!
هن بيت ۾ لفظ ور = مڙس ۽ لفظ ڀارَ = ڀائر جي معنيٰ ۾ ڪم آندل آهي .