ٿانور ڀٽي

ٿانوَر ڀَٽي: قديم دؤر ۾، ٿرپارڪر ضلعي جي بڊام ۽ سامروٽيءَ واريءَ ايراضيءَ تي ٿانور ڀٽيءَ جي راڄڌاني هئي، جيڪو سخاوت ۽ مهمان نوازيءَ کان ، نهايت مشهور هو. اهو علائقو ٿانور ڀٽيءَ جي سخاوت ۽ گنج لٽائڻ جي ڪري ’گنج گوندي‘ سڏجڻ لڳو. گنج گونديءَ جو شهر، پُراڻ درياهه جي اولهه طرف، هڪ پراڻي وهڪري جي ڪناري تي هو، جيڪو ماڳ موجوده جاگرافيءَ موجب ڊگهڙي شهر کان چار- پنج ميل ڏکڻ طرف، تپي ميرمحمد حسن ۾ هو ۽ هن وقت به اُن جا آثار موجود آهن. آخر اهو دؤر به آيو ته پاڻيءَ جي اڇ وارو اهو علائقو خشڪ ساليءَ جو شڪار ٿي ويو. هڪ دفعي خشڪ ساليءَ جي ڪري اهڙو ته اچي ڏڪار پيو، جو سڀئي ماڻهو مجبور ٿي آباد علائقن ڏانهن نڪري ويا. اهڙيءَ صورتحال ۾ ٿانور ۽ سندس زال کي پڻ وطن ڇڏڻو پيو. هو اهڙي علائقي ۾ وڃي پهتا، جتي کين ڪير به سڃاڻڻ وارو ڪونه هو. ان علائقي جي رواج موجب ٻاهران آيل زال مڙس کي گڏجي رهڻ جي اجازت نه هئي، تنهنڪري ٿانور ڀٽي گونگي ڀاءُ جي حيثيت سان، پنهنجيءَ زال سان گڏ رهڻ لڳو. اهڙيءَ طرح اهي نوَ کن مهينا اتي رهيا، پوءِ جڏهن وسڪاري جي مند موٽي آئي ته واپس پنهنجي ديس ۾ وريا.
ٿانور ڀٽي سال جا اٺ مهينا ’گنج گونديءَ‘ ۾ رهندو هو ۽ وسڪاري جي مند جا چار مهينا هاڪڙي جي ڪناري سان ”بروئيءَ“ جي شهر لڳ وڃي گذاريندو هو، جيڪو شهر اڳتي هلي ’ٿانور ڀٽيءَ‘ جي نالي سان پڻ سڏجڻ لڳو. شاهه لطيف هڪ بيت ۾ اهو پسمنظر، ڏڪار جي حالت ۽ وسڪاري جي آثارن جو ذڪر هن ريت ڪيو آهي:
ٿانور! اُٿي پس، ڏيهه کنوندي وڄڙي،
تو پيڪا، مُون ساهرا، کِنوڻ پلايو رَسُ،
وَسُ تنين لئه وَسُ، جن وَر مٽي ڀارَڪئا!
هن بيت ۾ لفظ ور = مڙس ۽ لفظ ڀارَ = ڀائر جي معنيٰ ۾ ڪم آندل آهي .


لفظ ٿانور ڀٽيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو