ٿانور ڀٽيءَ جو ڀڙو

ٿانور ڀٽيءَ جو ڀڙو: هيءُ ڀڙو نئين ڪوٽ شھر کان ڇھن يا ستن ميلن جي مفاصلي تي اتر طرف ديھہ ’جنھاڻ‘ ۾ هاڪڙي جي ساڄي ڪپ تي واقع آهي. هيءُ ڀڙو، دڙن جي شڪل ۾ ڳچ ايراضيءَ تي مشتمل آهي. هنن دڙن مان ٽامي ۽ چانديءَ جا عربي ۽ پالي رسم الخط وارا سڪا ۽ ٻيون ڪيتريون ئي شيون ملنديون رهنديون آهن. هيءُ ڀڙو، ان وقت جي ڀٽي قبيلي جي نيڪ شخص ۽ ناليواري سردار ٿانور ڀٽيءَ جي نالي سان مشھور آهي، جنهن کي ڀٽائيءَ بہ ڳايو آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو