
سنڌ جي هڪ پوليس ٿاڻي جو ڏيک
ٿاڻو: ٿاڻي جي لفظي معنيٰ ماڳ، آستان يا ٿاڪ آهي.اڄڪلھہ عام طور ٿاڻو لفظ پوليس اسٽيشن لاءِ ڪم ايندو آهي. اهو هنڌ، جتي ڪنهن واردات يا حادثي جي رپورٽ يا ڪيس رجسٽر ٿئي ۽ ڏوهارين کي لاڪپ ڪري سندن رمانڊ يا آڏي پڇا ٿئي.
• ڪوهستان ۾ خاص ماڳ، جتي سردار رهندو هجي،تنهن کي بہ ’ٿاڻو‘ چون؛ جيئن: ٿاڻو بولا خان يا ٿاڻو عارب خان.
مهاراشٽر(ڀارت)جي هڪ ضلعي جو نالو بہ ٿاڻو آهي.
ضلعي ۽ تعلقي مٽياريءَ ۾ هن نالي سان هڪ ديھہ آهي، جنهن ۾ ’نوبت مري‘، ’الھہ بخش ميرجت‘، ’شھداد مڱريو‘، ’حاجي محمد صالح‘ ۽ ’چنيسر خاصخيلي‘ ڳوٺ شامل آهن .