ٿاڻو بولا خان

ٿاڻو بولا خان: ٿاڻو بولا خان ضلع ڄامشوري جو تعلقي هيڊڪوارٽر آهي. سنڌ جي ڪوهستاني حصي ۾ آباد ٿيل هن شهر کي برسات جي موسم ۾ سنڌ جو ڪشمير چوندا آهن، جنهن جي چوڌاري جبل ۽ ٽڪريون آهن. هونئن به پوري علائقي کي ڪوهستان (جبلن جي جاءِ) چيو ويندو آهي. هن علائقي جي مشهور ۽ وڏي نئن، بارڻ آهي، جيڪا برسات پوڻ تي کيرٿر جبل مان نڪري، ڪوٽڙيءَ لڳ ڪاري کهي ڳوٺ وٽ سنڌو نديءَ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. ڪوٽڙيءَ کان اٽڪل ڇهن ميلن جي مفاصلي تي، ٻولهاڙيءَ وٽ هن نئن تي وڏي پل ٻڌل آهي. سچ پچ ته جبل آهي اُٺي تي. برسات پوڻ تي سڄو ٿاڻو بولا خان، ڪشمير جھڙو سهڻو لڳندو آهي. چوڌاري جبلن تي سهڻي ساوڪ، اهڙيءَ طرح سجايل هوندي آهي، جو پري کان ڄڻ ته سائو قالين ڏسڻ ۾ ايندو آهي. برسات پوڻ کان پوءِ هن واديءَ ۾ ٿڌي ۽ وڻندڙ هوا، ڪوئيٽا جي هوا وانگر لڳندي آهي. هتي ڪجهه عرصو اڳ برسات، سال ۾ ست انچ کن پوندي هئي. برسات گھڻو ڪري کير ٿر جبل واري حصي ۾ پوندي آهي. مينهن جو پاڻي، ٿاڻي بولا خان ۽ آسپاس وارن ڳوٺن جي وارياسي زمين کي آباديءَ جي لائق بنائيندو آهي. هتي جون مکيه پوکون تر، مڱ، جوئر، گوار ۽ ڀاڄيون وغيره آهن. نئن بارڻ جو پاڻي به هتي جي زمين کي آباد ڪندو آهي. برسات پوڻ سان قسمين قسمين جھنگلي برساتي ميوا، جھڙوڪ: ڳاڱا، کٽالي ۽ مُنگھا وغيره ٿيندا آهن. بندن جي وسيلي نئن بارڻ جو پاڻي گڏ ڪري، گھڻي ۾ گھڻيون زمينون آباد ڪيون وينديون آهن. ٿاڻي بولا خان جو سڄو شهر، اٽڪل ٻن چورس ميلن جي پکيڙ ۾ آباد آهي. سندس چوڌاري ٻيا ننڍا ڳوٺ، جھڙوڪ: اتر- اولهه طرف چئن ميلن جي مفاصلي تي ٿاڻو احمد خان، ڏکڻ طرف مهندا پالاري، ٻن ميلن جي مفاصلي تي ڪلو کوهر وغيره موجود آهن. ٿاڻو بولاخان قديم آثارن جي لحاظ کان گهڻو شاهوڪار آهي. هن جي ڏکڻ ۾ منگل گر نالي وڏو مندر اٽڪل چئن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آهي. جنهن ۾ ڪيترين ئي ديوين، ديوتائن جون مورتيون رکيل آهن. ڪجهه پراڻيون لکتون به ڀتين تي لکيل مليون آهن، پر چٽسالي ڪانه آهي. هر سال هتي ميلو لڳندو آهي، هي مندر اٽڪل چئن ايڪڙن جي ايراضي والاري ٿو. ان کان سواءِ ’شاهه لطيف راڪ‘ نالي وڏي عمارت شهر جي اندر موجود آهي، جيڪا انگريزن جي دور ۾ دولت مهتاڻي نالي هڪ دانوير شخص ٺهرائي هئي. عمارت ۾ ڪافي ڪمرا، سوئمنگ پول ۽ ورانڊا آهن. گهرو سامان به انگريزن جي دور جو آهي. هن وقت عمارت جي هڪ ڪنڊ ۾ روپا ٻائي نالي عورت اسپتال هلي رهي آهي، هيءَ عمارت نئن ڏيسوئيءَ جي ڪپ تي آهي. ٿاڻو بولاخان، سپر هاءِ وي کان ٻارهن ميل پنڌ تي آهي. ٿاڻي بولا خان ۾ خشڪ ۽ ٿڌيون هوائون لڳنديون آهن. سياري ۾ ٿڌ گھڻي پوندي آهي ۽ اونهاري ۾ ٿڌي ۽ وڻندڙ هوا لڳندي آهي، جيڪا ڪراچي، حيدرآباد ۽ سنڌ جي ٻين شهرن کان وڌيڪ وڻندڙ هوندي آهي، جنهن جو ڪارڻ ٿاڻي بولا خان جو سمنڊ جي سطح کان پنج ڇهه سؤ فوٽ مٿانهون هجڻ آهي. دم ۽ سلهه جا مريض گھڻو ڪري هتي اچي رهندا آهن، جو انهن لاءِ هيءَ هوا نهايت مفيد آهي. بياباني خطي ۽ آمد و رفت جي تڪليف هئڻ ڪري، هتي ڪا به ٻاهران آبادي آيل نه آهي ۽ هتي اصل پراڻا باشندا رهن ٿا، جن ۾ 60 سيڪڙو هندو ڌرم سان تعلق رکن ٿا، باقي 40 سيڪڙو مسلمان آهن، جن ۾ جيلاني سيد، حملاڻي (نومڙيا) ميمڻ، خاصخيلي، پالاري ۽ پِراڙ شامل آهن. هندو ۽ مسلمان پاڻ ۾ ميٺ محبت سان گذاريندا آهن. واپار ۾ هندن جي اڪثريت آهي.
سال 1960ع ۾ هتان ڪانڀو جبل لڳ سليڪا (ڌات) به لڌي وئي آهي، جيڪا بلڪل صاف ۽ سٺي آهي. ان کان سواءِ ڪچو سنگِ مرمر پڻ ساڳئي جبل مان لڌو ويو آهي. ميٽ، چن جو پٿر ۽ چيرولي پڻ هتان جي جبلن مان ملي ٿي. سال 1965ع ۾ رشيا جي هڪ ڪمپنيءَ هن علائقي ۾ قدرتي گئس ۽ پيٽرول جي کوجنا شروع ڪئي، جنهن ٿاڻي بولان خان کان اٽڪل ٽيهن ميلن جي فاصلي تي ڳوٺ سريءَ لڳ گيس ۽ پيٽرول ڳولڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ وڌيڪ ڪوششون جاري آهن. ٿاڻي بولا خان جي ڀرسان هڪ ٽي وي بوسٽر به لڳل آهي. ٿاڻي بولا خان جا ماڻهو سادگي پسند آهن. پراڻي زماني وارو ساڳيو لباس پهريندا آهن. عام ڳوٺاڻا مسلمان سنڌي قميص پائيندا آهن، جا شهرين جي قميص کان بلڪل مختلف آهي. رواجي قميص، ڊگھي ڪالر کان سواءِ پائين، ٻانهون ڪشاديون ۽ لسيون رکن، سلوار گھٽ ۾ گھٽ ڏهن والن جي هوندي اٿن. پير ۾ سنڌي جتي پائيندا آهن. مٿي تي اٺن والن کان ڏهن والن تائين پٽڪو ٻڌندا آهن. زالون، گج يا ڪنجري پائينديون آهن ۽ سلوار سوسي يا گربيءَ جي به پائينديون آهن. هندو مرد، سلوار جي بدران ڌوتي ٻڌندا آهن. سندن زالون مسلمان عورتن جيان گج يا ڪنجري پائين، سلوار جي بدران پڙو پائينديون آهن. هندن جون زالون، نڪ ۾ نٿ يا بولو پائينديون آهن. نٿ، سهاڳ جي نشاني آهي، جا شادي ٿيڻ تي پائينديون آهن، جيڪا ڪيترن تولن جي هوندي آهي. ٿاڻو بولا خان، هڪ طرف کان حيدرآباد سان ڳنڍيل آهي ۽ ٻئي طرف ڪراچيءَ سان. ڪجهه رستا اڃا ڪچا آهن. حيدرآباد کان ٿاڻو بولا خان 40 ميل پري آهي. وچ ۾ ور وڪڙ ۽ جبل آهن. جبلن جي وچ ۾ وڏو چوهڙ لڪ آهي، جتي ماڻهو بس مان لهي پنڌ هلندا آهن. چوهڙ لڪ جي اوچائي، ڇهه سؤ فٽ کن آهي، جو ڏسڻ وٽان آهي. برسات پوڻ ڪري آمدرفت رڪجي ويندي آهي. هن وقت چوهڙ لڪ کي ڀڃي، رستو ويڪرو ۽ پڪو ڪيو ويو آهي. ”چوهڙ لڪ“ کي سنڌ جي قومي شاعر شيخ اياز ڳايو آهيِ:
اڳتان چوهڙ لڪ، ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر!
هتي بصر ڪثرت سان پوکيو ويندو آهي. خاص ڪري بصر جو ٻج، ٻين شهرن ڏانهن موڪليو ويندو آهي. هن وقت اٽڪل پنجاهه هزار مڻن کان به وڌيڪ بصر جي سالياني پيدائش آهي. ٿاڻي بولا خان جي ماڻهن جو گذران، ڪو خاص ڪونهي. هندو گھڻو ڪري واپاري آهن. سندن خاص واپار اُن آهي، جا رڍن ۽ ٻڪرين مان حاصل ٿيندي آهي.
هي شهر گذريل صديءَ جي پنجاهه ۽ سٺ واري ڏهاڪي تائين محال ڪوهستان جو هيڊڪوارٽر هو. پر هن وقت ساڳئي نالي واري شهر جي تعلقي جو مرڪز آهي. هتي انگريزي دؤر جو سرڪٽ هائوس آهي، جنهن جي اڳيان ڪنهن وقت عاليشان وڻڪار سان پارڪ هو. ٿورو عرصو اڳ هن شهر سان لڳ سازدا وارن جو وڏو مرڪز هو، جو هاڻي ڦٽي ويو آهي. جنوري 2010ع ۾ صدر پاڪستان محترم آصف علي خان زرداري دراوٽ نالي هڪ ڊئم جو افتتاح ڪيو آهي، جيڪو ٿاڻي بولاخان ويجهو نئن بارڻ تي ٺاهيو ويو آهي .


لفظ ٿاڻو بولا خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو