ٿاڻو 2

ٿاڻو: هي ديھہ، تپي ملير، ڪراچي ۾ آهي. انگريزن جي دؤر جي پراڻي ٿاڻي (اولڊ ٿاڻي) جي ڪري هن ديھہ جو نالو ٿاڻو رکيو ويو. هن کي ”حشر پڙھہ“ ۽ بلوچيءَ ۾ ”داسيرو پڙھہ“ بہ چيو ويندو آهي. مھر علي شاھہ مست بخاريءَ جي مزار، ملير ٽائون، ملير، آسو ڳوٺ، غازي بروهي ڳوٺ، صاحبداد ڳوٺ، دائود ڳوٺ، دلبود ڳوٺ، بچل ڳوٺ، غريب آباد، مولرام، ڪمپائونڊ، ملير مندر، بادن شاھہ، دلبود جو تاريخي قبرستان، ماڊل ڪالوني هن ديھہ ۾ شامل آهن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو