ٿرون ٽڪري: تعلقي ميرپورساڪري ۾، گُجي شھر جي ڏکڻ اولھہ طرف هڪ ماڳ، جنهن کي مقامي ماڻهو ”ٿرڙو“ بہ چوندا آهن. هيءَ ٽڪري لڳ ڀڳ ٻہ هزار فوٽ ڊيگهہ ۽ هڪ هزار فوٽ ويڪر ۾ ٿيندي. هن ٽڪريءَ جي اولھہ طرف معروف درويش ’شيخ تراب‘ جو مقبرو آهي، جنهن جي گنبذ تي تعمير جي تاريخ 171ھہ/ 787ع لکيل آهي. هن ٽڪريءَ تي آمري دور جو ٺِڪراٺو پکڙيل آهي. ٺڪرين کانسواءِ پٿر جي قلعي جون ٻہ اڌ گول ديوارون، ڪمرن جا بنياد، سِپُن ۽ ڪوڏن جي صنعت، پٿر جا بليڊ ۽ ٻيون اهڙيون شيون موجود آهن، جن کي قديم سنڌو تھذيب جا آثار چوڻ مناسب ٿيندو. ساڪري ۾ ٿرڙيءَ جي مضبوط قلعي کان سواءِ بڪار جو شھر ۽ الهندي سنڌ جون ڪي ٻيون وستيون بہ آهن .