ٿرڙي سنجر ڀٽي

ٿرڙي سنجر ڀٽي: هي دڙو ضلعي شھدادڪوٽ جي ڳوٺ سنجر ڀٽيءَ ڀرسان آهي، جنهن جو ذڪر شيخ جاويد علي ”نئين زندگي“ 2003ع ۾ ڪيو آهي. جنهن ۾ سنجر ڀٽيءَ جو ڳوٺ سنجر خان ڀٽيءَ ٻڌايو هو. سنڌ ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي عملدار رچرڊ ايف برٽن پنھنجي عملداري جي وقت (سن 1843ع کان 1850ع) ۾ هن ڳوٺ وٽان لنگهيو هو. ان ڪري سندس تيار ڪيل نقشي ۾ هن جو ذڪر ڪيل آهي. هن ڳوٺ جي ڀرسان هڪ دڙو آهي، هتان جا مقامي ماڻهو ان کي ”ٿرڙي“ جي نالي سان ياد ڪن ٿا. سنجر ڀٽي ڳوٺ کان اوڀر طرف دڙو ٽن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آهي. ان جي ڀرسان علي مراد ڀٽي ۽ غلام نبي ڀرڳڙيءَ جا ڳوٺ آهن. ٿرڙي سنجر دڙي جي اوچائي 7 ميٽر ٿيندي، جڏهن تہ هي دڙو 100 کان 150 ميٽرن تائين پکڙيل آهي. هتان ٺڪر جا چدا، ڪوڏ، چوڙين جا ٽڪر، ڦڪي رنگ جا ٿانو، لوھہ جا ذرا ۽ سڪا پڻ مليا آهن. ٺڪر سنڌو تھذيب واري ٺڪر سان ڀيٽڻ جهڙو آهي. ماڳ جي کوٽائي ٿيل ڪو نہ آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو