ٿرڙي ڪيٽي: هي ماڳ جاتي شھر کان اٽڪل 24 ڪلوميٽر اولھہ ڏکڻ تي آهي. مقامي طور قديم ماڳ کي ٿرڙي ڪيٽي يا ڪيٽيءَ جي ٿرڙي سڏين ٿا. انھيءَ ھنڌ تي ھڪ ھنڌ 9 دڙا وڏي ايراضيءَ تي پکڙيل آھن. مسجد ۽ قبرستان جا آثار ملن ٿا. ھن قبرستان ۾ انساني ڍانچا پکڙيل آھن. لڳي ٿو تہ قديم قبرستان آھي. وٿن مان پڪين سرن جي ديوارن جا نشان، پڪين سرن جا ٽوٽا ۽ ٺڪراٺو اسلامي اوائلي دور سان مشابھہ لڀي ٿو. دڙي جي کوٽائي ٿئي تہ گهڻو ڪجهہ لڀڻ جو امڪان آھي .