
ٿر جو ديپ امر دليپ
ٿر جو ديپ ”امر دليپ“ (ڪتاب ):هي ڪتاب نوجوان ليکڪ دليپ سنگهه سوڍي جي ياد ۾ ترتيب ڏنو ويو آهي، جيڪو 2001ع ۾ ڀارت ۾ آيل زلزلي وقت احمدآباد (ڀارت) ۾ جڳھہ ڪِرڻ سبب دٻجي فوت ٿي ويو. دليپ سنگهہ سوڍو ٿر جي مشھور سياستدان، سماجي اڳواڻ، اديب ۽ وڪيل رامسنگهہ سوڍي جو ذهين پٽ هو. هن ڪتاب جو مهاڳ نامور اديب وليرام ولڀ جو لکيل آهي. هي ڪتاب امر دليپ سنگهہ ميموريل ڪاميٽي مٺي پاران، سال 2002ع ۾ شايع ڪيو ويو. 384 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 200 روپيا آهي.