ٿَلهو2: ضلعي جيڪب آباد جي تعلقي ڪشمور ۾ هڪ ديھہ، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ شامل آهن: ’جلو چاچڙ‘، ’حاجي عطر خان چاچڙ‘، ’ماڇي‘، ’ڀنگوار‘، ’سيفل چاچڙ‘، ’نبي بخش ڀنگوار‘، بجار ڀنگوار‘ ۽ ’ڇٽل خان ڊومڪي‘.
تعلقي خيرپورناٿن شاھہ ۽ تعلقي ڪشمور ۾ ڪن ديهن جو نالو.
ضلعي دادوءَ جي تعلقي خيرپورناٿن شاھہ ۾ هڪ ديھہ جو نالو، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ شامل آهن: ’ٿلهو‘، ’نباهيو سوڍر‘، ’سائينداد لاکير‘، ’جھان خان سوڍر‘، گاهي خان لاکير‘، ’من ماڇي‘، ’علي محمد لاشاري‘ ۽ ’جمعو لاکير‘.