
ٿل ٻني مسجد
ٿل ٻني مسجد: هي مسجد جوهي تعلقي جي ڳوٺ شاھہ حسن کان 5 ميل پري منڇر ڪنڌيءَ تي 34’09 670 اوڀر ويڪرائي ڦاڪ، 24’49 260 اتر ڊگهائي ڦاڪ تي، سيوهڻ کان 30 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي ديھہ ٻني ٿل ۾ موجود آهي. هي 19 هين صدي عيسويءَ جي شروعاتي ڏهاڪي جي ٺهيل نظر اچي ٿي. مسجد ۾ لنگهہ جو دروازو اوڀر طرف ڏنل آهي. نماز وارو ڪمرو 10x10.5 ميٽر ماپ جو، رٿ ۾ مستطيل آهي. ٻيڙ ٻني تي هر ڪنڊ تي هڪ هڪ بُرجي، ڪل چار برجيون ڏنل آهن. لنگهہ واري دروازي تي بہ ڪنڊن وٽ بُرجيون ٺهيل آهن. مهاڙي پانيلن تي ۽ چٽيل آهي. لنگهہ توڙي نمازي ڪمري وارا لنگهہ ونگاوان آهن. اولھہ طرف محراب ٺهيل آهي. اندران اولھہ طرف ٻہ هوائوڻا (Ventilator) بہ ٺهيل آهن. ڇت سڌي نموني جي آهي. مسجد اندران ٻاهران چٽيل آهي. اڱڻ ۾ ٻہ قبرون ٺهيل آهن، جن مان هڪ مسجد جي ٺاهيندڙ رازي جي چئي وڃي ٿي. اندر گل ٻوٽا سادن سهڻن رنگن ۾ ٺهيل آهن. هي مسجد 19-18 صدي عيسويءَ جي چئي وڃي ٿي .