ٿنڀ

ٿنڀ

ٿنڀ

ٿنڀ/ٿنڀو: هي ڊگهو ڪاٺ جو ٽڪو ٿئي، جيڪو جاين ۽ جهوپڙين ۾ عمودي ٽيڪ لاءِ استعمال ۾ ايندو آهي. هن جو اهو ئي ڪم آهي، جيڪو شاهي عمارتن ۾ پيلپائي جو ٿيندو آهي. هي ٿنڀا لوھہ جا بہ ٿين ۽ بانس جي ڪاٺيءَ جا بہ. هن ڪاٺيءَ جي ننڍي قسم کي ٿنڀڙي يا ٿنڀي بہ چون. هي ڇتين ۾ عام طور ٽيڪ لاءِ استعمال ۾ اچي ٿو. اڄڪلھہ بجلي جي تارن واري سڌي اڀي ڪاٺي يا لوهي ميناري کي بہ ٿنڀو چون ٿا، جنهن ۾ بجلي جون تارون هلنديون آهن. ٿنڀ يا ٿنڀا سرن ۽ سيمنٽ جا ٿين .


لفظ ٿنڀھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو