ٿنڀن واري مسجد: ٿنڀن واري مسجد، تعلقي ميرپورساڪري جي تپي گهاري، ديھہ ”کيبراڻيءَ“ ۾ آهي. ڀرپاسي ۾ درياھہ پير، ڳاڙهي دڙي ۽ راڄ ملڪ قبرستان سان گڏ ماڙي موراڙو نالي کنڊر بہ آهي. درياھہ پير کان ڪي ميل اتر ۾ ”ٿنڀن واري مسجد“ آهي، جنهن ۾ ظاهري طور قابل ذڪر اهي ٻہ ٿنڀا آهن، جيڪي مسجد ۾ لڳل آهن. انهن جو گهاڙيٽو مڪليءَ جي قبرستان ۾، ڄام نظام الدين سمي جي قبر مٿان ٺهيل ڇٽين جي ٿنڀن سان هڪ جهڙائي رکي ٿو. هتي ٺڪراٺو بہ جام آهي، جيڪو پري پري تائين پکڙيل آهي. ڀرپاسي جا ماڻهو ماڙي موراڙو نالي کنڊرن کي ڀڙج ذات جي ماڻهن سان نسبت ڏين ٿا. جڏهن تہ ماڙي موراڙي ۽ ٿنڀن واريءَ مسجد جي وچ ۾ ميل ڏيڍ جو پنڌ آهي. راڄ ملڪ قبرستان هن مسجد کان فقط 7- 8 ميل اوڀر ۾ آهي. روايت آهي تہ اها مسجد پڻ ڀڙج ذات جي ماڻهن ٺهرائي هئي. اڄڪلھہ ميرپورساڪري لڳ ڀڙج ذات جي ماڻهن جا ڪي ٿورا گهر وڃي رهيا آهن. ٿنڀن واري مسجد جي ٻاهرين ڊيگهہ ۽ ويڪر 35 فوٽ ۽ ساڍا ٽيھہ فوٽ آهي؛ اولھہ ۾ چؤڪور محراب اٿس؛ ديوار ست اٺ فوٽ هئي؛ ٿنڀو ٽن حصن ۾ آهي؛ بنياد لڳ ڀڳ ڏيڍ فوٽ جو، ٿنڀو ساڍا پنج فوٽ؛ باقي مٿي ڇت جهليندڙ حصو. ٿنڀن واري مسجد وارو ماڳ 1992ع ۾ اوقاف جي حوالي ٿي چڪو آهي .