ٿومينگ ٿمينگ

ٿومينگ/ ٿمينگ: هي ديھہ، تپي سونگل تعلقي ڪراچيءَ ۾ آهي. نئين سبزي منڊي، گلشن معمار ۾ جان محمد بروهي ڳوٺ هن ديھہ ۾ آهن.”ٿُم“، ”ٿمينگ“ ان جاءِ کي چئبو آهي. جتي گهاٽا وڻ يا وڻن جو جهڳٽو هجي. ڳجهي يا لڪڻ جي جاءِ هجي. مرن جي لڪڻ جي جاءِ، چورن جي ٿاڪ، گهوڙن ٻڌڻ واري جاءِ کي ”ٿم“ چئبو آهي. ”ٿمينگ“ معنيٰ اها جاءِ جتي مال، ماڻهو يا چوري جي سامان کي ”ٿمي“ سگهجي. هن کي ٿومينگ بہ چوندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو