ٿوُهَر(Ligularia/ Euphorbia norifolia):ٿوهر جو وڻ. خاص ڪري ٿر جي ڀٽن ۽ لاهين تي، ننڍن دڙن ۽ مٿاڇري واري ڪُنئري زمين تي جام ٿيندو آهي. پر ڪوهستاني علائقي ۾ بہ ٿئي ٿو. هن جو ٿڙ هڪ هوندو آهي، پر ان مان ٽاريون اهڙيءَ طرح نڪرنديون آهن، جو چوڌاري زمين جي سنوت ۾ پکڙيون پيون هونديون آهن ۽ هڪ يڪو گهاٽو مچو پيو لڳندو آهي. ٽاريون رول جهڙيون ٿلهيون ۽ ڦيڦيون ٿينديون آهن، جن کي ”ڏانڊا“ چئبو آهي، جن ۾ اندر نرم ڳڀ ۾ اڇو کير ٿيندو آهي، جو دوائن ٺاهڻ ۾ ڪم ايندو آهي. ٽارين تي ننڍا، پر تکين چُهنبن سان ڪنڊا ٿيندا آهن. ٽارين جي ڇيڙن تي ننڍا ڳاڙها گل ٿيندا آهن، جي ٻڪريون چاھہ سان کائينديون آهن. هن جا پن تمام ننڍا مائيدار ٿين ٿا. ٿوهر جي ڳاڙهن گلن/ چپڙن تي ماڪ پوڻ سان ماکيءَ جهڙو مٺو روپ اختيار ڪندي آهي. مارو ماڻهو ۽ ٻار اُهي پٽي مٺي ماڪ چوسيندا آهن. يورپ ۽ ٻين ٿڌن ملڪن ۾ ٿوهر جون ڪي جنسون تيار ڪيون اٿن، جن جا ٻوٽا تمام ننڍڙا ڪونڊين ۾ ٿين، جن ۾ سھڻا سھڻا مختلف رنگن جا گل بہ ٿين، ماڻهو گهرن اندر سجاوٽ لاءِ رکندا آهن. ٿوهر جو ڏانڊو ڪپي برساتي موسم ۾ زمين ۾ هڻي ڇڏبو تہ اُڀري وڻ ٿي ويندو. ڏڪار ۾ جڏهين برسات نہ پوندي آهي، تڏهين ٻيا وڻ سُڪي ويندا آهن يا ڪومائجي ويندا آهن. گاھہ تہ اصل ڪونه ٿئي، ان وقت بہ ٿوهر سائو ۽ سرسبز بيٺو هوندو آهي. ٻڪريون ۽ ڇيلڙا ٿوهر جا پن ۽ گل کائي ڍؤ ڪندا آهن. هن ۾ رڳا ڏانڊا ڏانڊا ٿين، سي بہ اندر ڦيڦا، جي ڪنهن بہ ڪم ڪونه اچن. گهڻن سالن بعد نيٺ وڻ سُڪي اتي ئي ڍير ٿيو پيو هوندو آهي، نيٺ ڀڄي ڀري ختم ٿي ويندو آهي ۽ وري نوان وڻ اُڀرندا آهن. ڪي ٿوهر ننڍا ۽ ڪي وڏا ٿيندا آهن، جن جي چوڌاري گهيرو ڪافي ٿيندو آهي. هي وڻ گرم آهي. سياري جو ڊاڀي ڪرڻ وقت مسافر ڪنهن مٿاهين هنڌ تي، ڀٽ جي تِڙڪول واري پاسي ٿوهر جو وڻ ڳولي، ان جي ڀرسان زمين ٻُهاري پاٿاري ٺاهي سمهي پوندا آهن تہ سيءُ گهٽ پوندو آهي. ٿوري اوڇڻ هوندي بہ رات گذاري ويندا آهن. هن جا ڏنڊا ڦيڦا ٿيندا آهن، تنهنڪري سُڪڻ بعد باھہ ڏيڻ تي جلد وڏو مَچ ڪري ٻرندا آهن. بعضي سياري جو مسافر سيءُ لاهڻ لاءِ سُڪل ٿوهر ٻهاري تِيلِي ڏيندا آهن تہ هڪدم ڀنڀٽ ٿيو پوي ۽ چوڌاري ڪافي مفاصلي ۾ سيءُ جو نالو بہ ڪونه رهي، سيءُ لاهي وري روانا ٿين. هن ٻوٽي جو ذڪر شاھہ عبداللطيف ڀٽائي سرمارئيءَ ۾ جام ڪيو آهي: ٿر ٿوهر، گهر جهوپڙا، ٻارڻ جنين جو ٻوھہ، اُٺا ميـنهـن مـليــر تــي، ٽـهڪـي نڪتا ٽوھہ، رات بہ مـنهـنجي روح، سـُـتـي سـڄڻ ساريا.