ٿوٻو: مٽيءَ جي چاڻي کي چوندا آهن. ڪنڀر جڏهن چڪ تي ويهندو آهي تہ مختلف ٿانون ٺاهڻ لاءِ مقرر مقدار ۾ مٽيءَ جا چاڻا ٺاهي ڀر ۾ رکندو آهي. ان کي ”ٿوٻو“ چوندا آهن. سربند جڏهن سرون وجهڻ ويهندو آهي تہ سر جي قالب موجب مٽيءَ جا ڳوڙها ٺاهي قطار ڪندو آهي ۽ هڪ هڪ چاڻو کڻندو ڪارب ۾ وجهندو، سر بنديندو ويندو آهي. سربند جي اهڙي مٽيءَ جي چاڻي کي بہ ”ٿوٻو“ چوندا آهن .