ٿيلهي ٿيري

ٿيلهي ٿيري

ٿيلهي ٿيري

ٿيلهي/ ٿيري (Catla Catla) (مڇي ):هيءَ ڇيلري مڇي آهي. هي مڇي موراکي ۽ ڪرڙي کان وزن ۾ گهڻي ٿئي ٿي. هن کي ٿيري ۽ لھر بہ چوندا آهن. هيءَ مڇي ڪرڙي ۽ موراکي کان ويڪر ۾ وڏي آهي. هن جا ڇلر ڪارا ٿين. وات وڏو ٿئي ۽ منڍي بہ ڪرڙي ۽ موراکي کان وڏي اٿس. هيءَ آني ڪندي آهي. نين جي ڪنبن ۾ يا درياھہ ۾ هيءَ جي پاڻيءَ ۾ 4 کان 6 فوٽن تائين اڄ بہ ملي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن تہ 30 کان 40 ڪلو وزن جي بہ ملي ٿي. هي گاھہ تي گذران ڪندي آهي ۽ ننڍين مڇين ۽ جيتن کي بہ کائيندي آهي، منڇر ۾ مڇيءَ جو هي نسل ناياب آهي. نئون پاڻي اچي ٿو تہ زيرو پوائنٽ تي 4 ڪلو وزن جي ٿيلهي مري ٿي، اڳي هيءَ مڇي گهٽ کائبي هئي.
هن جو جسم ڪافي ويڪرو ۽ چپٽيل ٿئي ٿو، وات وڏو اٿس، هيٺيون چپ ٿلهو، کلڻ تي ٿيلهي وانگر لڳندو آهي. تنهنڪري نالو بہ ٿيلهي پيو اٿس. هن کي مٿيون چپ ڪو نہ ٿئي، باقي ڄاڙيون نمايان هونديون اٿس. وات وٽ ڪو بہ ڪنڊر وار يا مڇ ڪا نہ ٿئيس. رنگ ساواڻ مائل ڀورڙو، ڪن حالتن ۾ ڪارو، عام طور تي ڇلڙن جو رنگ ٽامي جي رنگ جهڙو يا گلابي ٿئي. کنڀڙا ڪارا يا ڀورڙا هوندا اٿس، جيڪي بنيادن وٽ اڇيرڙا نظر ايندا آهن. هي مٺي پاڻيءَ جي مڇي آهي. هي ڍنڍن ڍورن جي مٿين سطح ۽ ان کان هيٺ پنھنجي غذا ڳولي کائيندي آهي. هن جي خوراڪ آبي ٻوٽا، جيت جڻيا ۽ ننڍي مڇي هوندي آهي. هي سبزي خور مڇين ۾ شمار ٿيندي آهي. عام حالتن ۾ ٻن سالن جي عمر ۾ 5 ڪلو وزن ڪري ٿي وڃي. سندس ڊيگهہ چئن کان ڇھن فوٽن تائين بہ ٿئي. هيءَ مڇي جولاءِ کان آگسٽ تائين 5 لک آنا لاهيندي آهي پر هٿرادو تلائن ۾ آنا ڪانہ لاهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو